لاهور/ صوابي: پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ قافلي سان گڏ شرڪت ڪندڙ خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڪلاشنڪوف سان ٽرالر جا شيشا ڀڃي ڇڏيا. پي ٽي آءِ جي جلسي جو مقرر وقت ختم ٿيڻ تي پوليس اهلڪارن پهچي اسٽيج خالي ڪرائي ڇڏيو، اسٽيج ۽ جلسي گاهه جون لائيٽون بند ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين بيريسٽر گوهر ۽ ٻيا اڳواڻ اسٽيج تان لهي ويا ۽ ماڻهن به واپس وڃڻ شروع ڪري ڇڏيو. هوڏانهن علي امين گنڊاپور جي قيادت ۾ قافلو لاهور پهتو ڪارڪنن ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا ڀڃي ڇڏيا. هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته علي امين گنڊاپور پاڻ پنهنجي گاڏي مان لهي رستي ۾ لڳل ڪنٽينرن تي تشدد ڪري رهيو آهي ۽ ماڻهن کي گهٽ وڌ به ڳالهائي رهيو آهي. لاهور ۾ جلسي گاهه ٻاهران پنهنجي مختصر خطاب ۾ وڏي وزير علي امين چيو ته حڪومت وڏيون رڪاوٽون وڌيون پر ان باوجود آئون اچي ويو آهيان، منهنجي حاضري قبول ڪجو، جلد باني پي ٽي آءِ کي آزاد ڪرائيندس.