اسلام آباد: وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور تي پاڻي جي بوتل اڇلائي وئي، جناح اوينيو وٽ گنڊاپور پهتو ته ان مٿان بوتل اڇلائي وئي، ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن مان ڪنهن هڪ گنڊاپور کي بوتل اڇلائي هنئي. ذريعن موجب ڪارڪنن قافلو ڊي چوڪ ڏانهن وٺي هلڻ جو مطالبو ڪيو، گنڊاپور انڪار ڪيو جنهن تي تڪرار پيدا ٿيو.