پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پاران پنهنجي وزير شڪيل خان کي هٽائڻ تان پي ٽي آءِ اختلافن جو شڪار ٿي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ عاطف خان ۽ جنيد اڪبر هٽايل وزير شڪيل خان جي حمايت ڪئي، عاطف خان چيو آهي ته شڪيل خان 10 سال ڪابينا ۾ گڏ رهيو، اڄ تائين هِن جهڙو ايماندار ناهي ڏٺو، شڪيل خان خلاف سازش ڪئي وئي، اُن جي ٻن ڪردارن کي وقت اچڻ تي وائکو ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ ايم اين اي جنيد اڪبر چيو آهي ته 10 سال وزير رهڻ باوجود شڪيل خان وٽ ذاتي گاڏي ناهي، هو ته پنهنجي سيڪيورٽي گارڊز ۽ پي ايس جو به قرضي هوندو آهي، شڪيل خان چور هجي ها ته ڪڏهن به پي ٽي آءِ باني وٽ وڃي چوري خلاف شڪايت نه ڪري ها، اُن کان اڳ وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته گورننس ڪميٽي شڪيل خان جي ڪرپشن جي نشاندهي ڪندي کيس هٽائڻ جي سفارش ڪئي هئي، هٽايل وزير شڪيل خان چيو آهي ته وڏي وزير سان اصولن تي اختلاف ڪيو، هو سندس ڪم ۾ مداخلت ڪري رهيو هو