سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي شهري مسئلن متعلق يوٿ ڊائلاگ پريس ڪلب ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ نوجوانن جي وڏي انگ سان گڏ مڪاني کاتي جي چونڊيل نمائندن، پوليس توڙي ٻين کاتن جي نمائندن به شرڪت ڪئي، نوجوانن شهر ۾ بنيادي مسئلن متعلق شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، نوجوانن جو چوڻ هو ته شهر ۾ گندو، بدبوءَ دار  پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، اُن گندي پاڻي جي سپلاءِ به اڪثر علائقن ۾ ناهي ٿيندي. پر ان باوجود پاڻي جي فيس ۾ 200 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت ڊرينيج نظام تباهه حالي جي ور چڙهيل آهي، برساتن ۾ سکر شهر اندر ٻيڙيون هليون هيون، عام ڏهاڙن تي به ڊرينيج جو گندو پاڻي روڊن، رستن، گهٽين محلن ۾ بيهڻ معمول بڻيل آهي، نوجوانن چيو ته شهر جا روڊ رستا تباهه حالي جي ور چڙهيل آهن، ڪيترائي روڊ سوڙها هجڻ، حددخلين جي آزار سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ به وڏو مسئلو بڻيل آهي، ٽريفڪ پوليس نظر ناهي ايندي، نوجوانن مطابق ڊگريون مڪمل ڪري ڪافي نوجوان روزگار لاءِ ٽيسٽون ڏيڻ، توڙي اپلاءِ تي ڳرو خرچ ڪن ٿا پر رشوت ۽ سفارش نه هجڻ سبب اُهي بيروزگاريءَ کي منهن ڏين ٿا. يوٿ ڊائلاگ کي صفيه بلوچ، طارق چوهاڻ، ساجدهه فاروقي، زينت ڀنڀرو، غزالا انجم، سحرش کوکر، عذرا جمال، رخسانه منگي، طيب سومرو، شبانه انصاري پڻ خطاب ڪيو.