شهدادڪوٽ(رپورٽر) بلوچستان جي علائقي گنداخا ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او سب انسپيڪٽر علي شير قلندراڻي پاڻ مٿان ٽي ٽي پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس ڊيرا مراد جمالي جي عبدالله شاهه ٽائون پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو.