جيڪڏھن اسان پنھنجو يا سماج ۾ وھندڙ ڪردارن ۽ ڪارڪردگين جو جائزو وٺون ٿا ۽ ڪنھن ٻين سماجن تي نظر وجهون ٿا ته پنھنجي سنڌي سماج ۾ سرسري ڪا به اھڙي ترقي يا جياپي جي حسناڪين کي حقيقي زندگي تي لاڳو ڪيو ئي ڪونھي، جنھن بنياد کي ڏڍ طور استعمال ڪندي ڪا وِک دنيا جي سماجن ۽ انھن جي رھڻي ڪھڻين سان ڀيٽي سگهون.
جڏھن اسان لطيف کي پڙھون ٿا ته ھر ڏسا پاڻ تي ڀاڙڻ ڪنھن جي اوسيئڙي يا آسري ۾ رھڻ يا پنھنجو ڪم يا ڪرت ٻين تي رکي جيئڻ يا انتظار ۾ وقت ۽ جو زيان سمجهي ٿو، جڏھن ته اسان ان ئي نقصان کي آسائش ۽ عياشي سمجهون ٿا، مطلب ته ڪي دوست جيئن چوندا آھن ته جيڪڏھن لطيف کي سمجهي به وٺون ته حالتون ان موافق آھن ئي ڪونه ته پوءِ لطيف کي پڙھڻ ڪھڙي ڪم جو، يقينن پاڻ به ان ئي سوچ کي قبول ڪريون ٿا جنھن سوچ کي لطيف به چوي ٿو ته جن وقت ۽ حالتن جو جائزو وٺي جيئڻ نه ڪيو سو ته سڌن ڪندڙن مان آھي، ٻيو اھو ته لطيف اسان کي ھر وقت جي حالتن سان ھلڻ لاءِ چوي ٿو پر شرط اھو ٿو ڪري ته سڀ ڪجھ توھان کي پاڻ ڪرڻو آھي ان ڪري وقت جي سختين ۾ پوڻ جو مقصد به توھان جو پنھنجو ئي آھي،
واقُفِ نه وَڻَڪَارَ جِي اَڳَ نه ڏيھُ ڏِٺومِ،
ڏونگَر ڏوراپَنِ سِين، ڪاتِيءَ ري ڪُٺومِ،
جيلان مُحِبُ مِٺومِ، تي ڇُلُون ڪَريان ڇَپَرين.
آءٌ وڻڪار جي رستي کان اڻ واقف آھيان، اھو مُلڪ مون اڳي ڏٺو ئي ڪو نه ھو. رستي جي پھاڙن مون کي طعنا ڏيئي بغير ڪاتيءَ جي ڪھي ڇڏيو آھي. پر مون کي پنھنجي مٺي محبوب جي تلاش آھي، سو جيڏانھن ھو آھي، آءٌ انھيءَ طرف پيئي ٿي ڊوڙون پائينديس.
ھاڻي اھي بي جان جبل رستي ويندڙ سسئي کي طعنا ڪيئن ڏيندا ۽ سسئي ڪيئن ڪاتيءَ سان ڪسجڻ جو ذڪر ڪري ٿي.
اھڃاڻي نموني لطيف ڪردارن جي ڳالھ ڪري ٿو، جيئن اسان مان ڪو ھڪ ماڻھون اڻ ڏٺل منزل تي پنھنجي مقصد جي پورائي خاطر اُسھي ته يقينن اسان سڀ ان کي روڪ ڪنداسي ،۽ عجيب القابن سان گهٽ وڌ به چونداسي مطلب ته اتساھ يا ھمٿ ڪونه ٻڌرائينداسون ان جا مددگار يا ٻانھن ٻيلي ڪونه ٿينداسون ، لطيف ان نفسيات مان ٻاھر ڪڍي ٿو بلڪه ته مقصد ۽ منزل اڻ ڏٺل به ڇونه ھجي جيڪا اصل اھميت جوڳي ھجي ٿي ، جتان ئي دنيا جا راز ۽ نئين معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي جيڪا ھر وقت جي ماڻھن سان لاڳو ٿئي ٿي، خير اچو ته کيس جو ٻيو خيال ٻڌون،
واقُفِ نه وَڻِڪارَ جِي، بارِي پُڇي بَرَ،
وَرُ وَسِيلا سُپرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ،
لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چَي، ڪانڌ مُئِيءَ جِي ڪَرَ،
وِلھِي ڪَري وَرَ، مَڇُڻ مارَڳَ ڇَڏِيَين .
رڻ پٽ، ويراني محنت ۽ مشقت گهرن ٿا جتي رڳو سڃائيءَ جو راڄ ھجي، جتي منھنجي ڳولھا ۽ ھمٿ جواب ڏئي وڃي ٿڪجي ٽٽي پوان، اي ساٿي! اُتي تنھنجي رھنمائي گهرجي ٿي مون ھيڻيءَ کي تنھنجي خبرداري گهرجي ٿي، ايئن نه ٿئي جي رستن ۾ بيواھي ٿي مري نه وڃان تيئن تنھنجي نظر ثانيءَ جي ضرورت اٿم ۽ اتي منھنجي رھنمائي ڪر. مطلب ته توھان مان ڪو جيڪڏھن سخت مشڪلن جو سفر طئي ڪري ته اوھان ساٿين جي کيس تي نظر ھجڻ گهرجي ۽ ان سان مددگار ٿي بيھڻ گهرجي، ان کان سفر ۾ طئي ڪيل ڏکيائين ۽ مشڪلن ۾ ڀرجهلو ٿيڻ گهرجي.
واقُفُ نه وَڻِڪارَ جِي، پاڻِي کَنيُمِ نه پاءُ؛
جَبَلُ جَلدايُون ڪري، تِکَ ڏيکاري تاءُ؛
لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئي، معذُورِڻِ مَٿاءُ؛
اُتي اوڏو آءُ، جِتِ هُوندِيَسِ ھوتَ ھيڪِلِي.
مان وڻڪار جي ڄاڻو نه آهيان ۽ پاڻ سان پاڻيءَ جي پاءُ به نه کنيو اٿم. جبل تپي باھ جيان تکايون پيو ڪري ۽ تيز تاب ٿو ڏيکاري. ويچاري سفر ماري ۽ مٿان لڪ پيئي وسي. اي پرين! جتي اڪيلي آهيان، اتي توھان منھنجي ويجهو اچي رھنمائي ڪريو.
وڻڪار اھڃاڻي جياپي ڪندڙ جو ديس آھي ۽ جيئندڙ بي ثمر آھي جنھن جي اوسي پاسي وڏا وڏا شاھوڪار رھن ٿا، جڏھن ته سڀني جي غصي ۽ ڪاوڙ جو کاڄ مسڪين ئي بڻجي ٿو، جنھن جي رھنمائي ۽ مددگاري اوھان تي فرض بڻجي ٿي، تنھن جا ڀرجهلا ۽ ان جون مشڪلون يا ضرورتون پوريون ڪندڙ بڻجي وڃو، لطيف ھر رخ سان سسئي يعني ديس واسي جي حالتن جو عڪاس آھي ۽ سماجي حالتن ۽ ضرورتن کان پڻ خوب واقف آھي،
پَھَڻَ پُريادِي پَٻَ جا، جَبلَ جِتِ جاڏا ،
توڏَنِ جا تَڙَڀِيڙ ۾ ، کُپَنِ مَ کاڏا ،
اَچَنِ جي آڏا ، سَي لَڪَ سَولا لَنگهائيَين.
جيڪو ديس لوھ جيان سخت روح رکي ٿو، جتي تمام گهڻين گهرجن جو پورائو ممڪن ڪونھي جتي سڀڪو ھڻ وٺ ۽ ڇِتِ ڪُتائي ۾ مشغول رھي ٿو، جتي چڱو ڀلو سگهارو به حالتن آڏو گوڏا کوڙي ٿو سگهي اُتي ھن ھيڪلي ۽ بيواھي بڻايل سماج جي واھر ئي اصل ۾ عظمت جوڳي ھجي ٿي، رستي ويندڙ فقير کي ڏھ رپيا ڏئي اجر طلب ته ڪري سگهجي ٿو پر ڪنھن ڏتڙيل فردن جي ڪفالت ۽ ذميواري کڻڻ سھولتون ميسر ڪرڻ ئي اصل ڪم ھجي ٿو،
پَھَڻَ پُرِيادِي پَٻَ جا ، جاڏا جَبَلَ جِتِ،
لوچي مُنڌَ لَطِيفُ چَي، تاڪُون پَسِيو تِتِ،
ھوتَ پَھچِجِ ھِتِ ، آءُ ته اَوجهَڙِ نه پَوان .
رُڪ جيان سخت روح ، بي رحم سماج،جتي ظلم ۽ ناانصافيء جو راڄ ھجي جتي قيامت جا منظر روزاني زندگي سان واڳيل ھجن، جيڪڏھن تون پاڻ کي ھمدرد ۽ مددگار ٿو چوائين ته انھن جي واھر ڪندڙ ٿي وڃ ۽ انھن کي اڳتي جي خسارن ۽ نقصانن کان پناھ ڏيندڙ ٿي پئو ،
ھزارين مخير، ھزارين سماجي ڪردار، ڪروڙين سخي، بي شمار زندگيءَ سان لاڳاپيل سھولتن جا مرڪز، لکين رياستي نمائندا ۽ تحفظ ڏيندڙ بي تحاشا مذھبي ۽ سماجي رضاڪارن ھوندي به ھي خطو بي خوف ننڊ نٿو سمھي سگهي ۽ بي خوف ٿي پنھنجي علائقن ۽ مڪانن تائين رسائي نٿو ڪري سگهي لطيف اھڙي قادر ڪردار بڻجن جي دانھن ڪري ٿو!!!