گنج مان ترتيب وار “سَسُئِي” … ٻانڀَڻِ ٻيٽِي آھِيان

0
30
گنج مان ترتيب وار “سَسُئِي” ... ٻانڀَڻِ ٻيٽِي آھِيان

 سماجي متڀيد جي ڪھاڻي ۽ ان پٺيان ڀوڳنائن جون وارتائون، اذيتون ۽ عذاب، ڏک ۽ پيڙائون، صدما ۽ سور ڀوڳيندڙ احساسن کي لطيف حوصلو ڏئي سماجي ڏاڍ خلاف بغاوت ۽ ديس مٿان ڇانيل ظلم جي پھاڙن کي ڀڃي ڀورا ڪرڻ جي سگهه اندر ۾ اوتي ٿو، سماجي سگهارا بڻيل ڪردار جبل، پھاڙ، جَتَ، اُٺ، جن کي ڀوتار، سردار، جاگيردار يا سياسي قوتون ۽ عوامي ھجومن کي رائو جھڙي اھڃاڻي ڪردارن سان ڀيٽي شعوري حياتي ڏانھن وک وڌائي ارتقائي منزلن جو پانڌي بڻائي ٿو. ھڪ مثال جي ظالماڻي ڪردار جي چونڊ ڪندي ان ظلمي روين جي ماريل مظلوم ڪردار يعني سسئي کي ڪيچ مڪران جي حاڪم آري ڄام جي وارتائن جو عڪس چٽي ٿو، سنڌ ۾ رائج ٿيل اُن متڀيد جي قانون خلاف ھڪ خيالي سسئي سرجي سماجي انقلاب جا گس گهڙي ڏي ٿو.

                 ڏاڍ جي علامت جيڪا سوين روپ وٺي اڄ به ھن ديس مٿان ڀيانڪ کان ڀيانڪ وارتائون ڪندي رھي ٿي، ۽ افسوس جو انھن ظالمن جي اڱڻن مٿان توڻي جي لطيف جون وايون واڪا ڪندي توڻي جي آلاپيون به وڃن ٿيون پر تن جي اثر يا تاثر کان عام خلق غافل بڻائي وئي آھي، جيڪي احمق بڻجي محوِ رقص بڻجي وڃن ٿا، نه ڪيفيتن جي پرک ۽ نه ئي ڳايل لفظن جي ڄاڻ نسلي غلام بڻجي غلامي کي ھٿي ڏيندي ھلي پئون ٿا، جتان ويتر ڏاڍ کي سگهه ملي ٿي ۽ ظلم جا ڪڪر گھرا ٿيندا وڃن ٿا.

“محبت حيثيتن کان مٿانھين ٿئي ٿي” واري چوڻي بلاشڪ دنيا اندر ٿيندي ھوندي پر ھن نڌڻڪي سنڌي سماج ۾ ڳڻائي نٿي سگهجي. اڄ يا ڪلھ جون حالتون جيڪڏھن ماضي جو گواھ حال کي ڪجي ته ماضي به ڀيانڪ ئي نظربو. مطلب ته “انڌي جھڙي پيڪين تھڙي ساھرين”. جيڪو ھينئر اسان جو سماج آھي، سو مڪمل نفسياتي بڻجي چڪو آھي. لطيف چواڻي ته،

اَسِين ذاتِ پَرِٽَ، پورھيَتَ پُنھونءَ ڄام جا،

ھوتُ کَٿورِي ھيرئَون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ،

آتَڻَ مَنجِهه اُگهَٽَ، ڪَمِيڻيءَ جا ڪامَ ٿِئي.

اسين مسڪين ڌوٻي پنھونءَ اڳيان ڪاسبي ٿي ڪم ڪندڙ آھيون، توڻي جي ھوتُ پنھونءَ مان خوشبوءِ جي ھٻڪار پئي اچي ۽ مون سسئي منجهان صابڻ واري گدلي ڇَٽ، ڌپ، شل وصال مھل رھجي اچي ۽ منھنجي (ڪمذات، ڪچائي) پڌري نه ٿي پوي. “عشق دين ڌرم کان مٿانھون” واري چوڻي پٺيان به اسان وٽ يعني پنھنجي ديس ۾ ھڪ پيدا ٿيل نفسيات بڻجي وئي آھي، جي محبوب سان وصال جي گهڙي ۾ به خوف جيان واسو ڪيل ملي ٿي. مطلب ته الائجي منھنجو پرين مون ۾ ڇٽ (پگهر جي باس) ڪري خفا نه ٿي وڃي يا منھنجي ھيڻي ذات جي ڪري مونکي قبول نه ڪري، آنڌ مانڌ واري ڪيفيت ۾ محبوب سان ميلاپ وقت پيدا ٿيل ڳڻتي، سموري ھجتن ۽ چلولاين، نازن ۽ نخرن کي ڀسم ڪري ٿي ڇڏي، پوءِ باقي وڃي رھي ٿي جسماني بُک، جنھن پٺيان به رت جي ڌپ رليل ھجي ٿي. مطلب ته جياپي جي مکيه ضرورتن مان سيراب ٿيڻ موت سان مکاميل ٿيڻ برابر ھجي ٿو، نڪي لذتن مان ڀرپور لطف اندوز ٿيڻ، يعني جتي محبت جي راھ به متڀيد جي روايتن سان منسوب ھجي، ڇا ان کي محبت چئي سگهجي ٿو؟

تان مون ڀينَرُ ڀَئِي ناھِ ڪا، جان آرِياڻِي آڳَ،

ڪوسو ڪوھيارَلَ جي، واءُ مَ لڳي وَڳَ،

ٻِيا پُڻ جَتَنِ جَڳَ، منھنجي پِرِتِ پنھونءَ سين.

مونکي ڪو ڀَئُه، خوف انڪري به ڪونه ٿو ٿئي جو پنھونءَ جو قافلو منھنجي اڳيان ويندڙ آھي، شل تن قافلي وارن تي سخت گهڙي نه پوي، توڻي جي اھڙا ڪيئي اُٺن وارا جت ٻيا به ھوندا پر منھنجي منزل پنھونءَ تائين آھي .ھڪ طرفي محبت، آئون ڳنڍڻ ۾ ھو ڇنڻ ۾، ھو ناخير آئون ھردم خير گهرندڙ، آئون محبت ۾ چڪنا چور ته ھو رسمن جا پاسدار، نتيجو ته ھتي جياپي جا حق سڀني لاءِ يڪسان ڪونھن، اظھار جو حق لاڳاپيل فرد کي نه بلڪه ان جي مٽن مائٽن کي مليل ھجن ٿا، ذات برادري جي اونچ نيچ سان وابسته ھن سماج ۾ شخصي جياپو ڪٿي آھي؟ ڪير ڪنھن سان ماڻا ڪري، ڪير ڪنھن سان خيال ونڊي يا ڪير ڪنھن جي ٻک ۾ احساس اوتڻ ڪري، ڪير ڪنھن جي ڪلھي تي ڪوسا ڳوڙھا ڪيري؟ مطلب ته ھتي ساھ کڻڻ کي ئي حياتي سمجهو وڃي ٿو، حقيقي جياپي سان منسوب ٿيل ارمانن کي رائج ڪرڻ خاطر لطيف سسئي کي بغاوت جو ويس پارائي ٿو، پر اسان جا ڪردار لطيف جي ڌڪاريل ڪردارن سان منسوب ٿي لطيف جي ئي اڱڻ ۾ ڪيچي بڻجي جشن ملھائيندڙ بڻجي ويا آھن.

پَرِٽَنِ پالِياسِ، ٻانڀَڻِ ٻيٽِي آھيان،

حُسنَ ھوتَ پنھونءَ جي، ماري موتَ وِڌِياسِ،

جانڪِيتان جِيئَندياسِ، پَيَسِ وَرِ وِصالَ جي .

توڻي جي مون ڌوٻين جي پاليل، نپايل آھيان پر آھيان ٻانڀڻ خاندان جي، مونکي پنھونءَ جي خصلتن متاثر ڪري ڇڏيو، ھاڻي جيسيتائين جيئري رھنديس، تيسين پنھونءَ سان ميلاپ جي طلب ۾ ئي جاکوڙي جيئنديس،

ٻانڀڻ ڄائي، ڌوٻن پالي، ھوت بلوچ جي سونھن متاثر ڪيو ۽ عشق ڪري ويٺيس. سماجي رويا متڀيد جا رکوالا ذات برادري ۽ نسلي پوئواري ڪندڙ جن مونکي قبول ڪونه ڪيو، اھو صدمو تاحيات پرينءَ جي وصال جي آرزو ۾ گذاري ڇڏبو، ھن سماج ۾ جياپي جو قانون اھڙو ئي آھي، جتي ڄمڻ سان سموري زندگي کي سنگهرن ۾ ٻڌو وڃي ٿو، خواھشن ۽ احساسن کي لوڙھو ڏيئي چوديواري ۾ قيد ڪيو وڃي. جتي جانورن کي به ڪا گهڙي آزاديءَ خاطر ڇوڙيو ويندو ھجي پر ان ديس جي عورت کي پيدا ٿيڻ سان ئي زندگي جو چٺو طئي ڪري ڳچيءَ جو ھار بڻائي سينگار طور ٻڌو وڃي ٿو. سمجهه اچڻ کان پوءِ رڳو حسرتن جي ڳنڍ پلوَ ۾ ٻڌي حياتي گذاري سگهجي ٿي ۽ بس !

پَرٽنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذاريَمِ جيڏيون،

جَنِين مونکي ماريو، سورَنِ سين ساڙي،

اِرادي آڙي، سانگِيَنِ سين سَڱُ ڪِيو .

اي سرتيون! مون ڌوٻين جي ويڙھي ڄڻ بيڪار ٿي گذاريو. جن مون کي مھڻي ھاب ڪندي ڳاراڻا ٿي ڏنا. (ذات پات ،نسل جا مھڻا) جتان ڪنھن ڀاڳ سانگي آيل قافلي وارن (جتن) سان اچي منھنجو پيچ پيو. (جتان جياپي جي جستجو پيدا ٿي).

سماجي وارتائون جتي اڪثر نسل يا ذات مٿان ڇوھ ڇنڊڻ جو ورد، گهٽ وڌ ڳالھائڻ طعنا ۽ طُنقا ٿوري گهڻي ڳالھ پٺيان بُڻ بنياد اُکيڙڻ رواج بڻيل ھجي ٿو، اڪثر ڪم علمي ۽ سرداري نظامن ۾ وڪوڙيل ماڻھو ذات پات ۽ نسلي مامرن ۾ قتل ڪرڻ تي به فخر محسوس ڪن ٿا، اڄوڪي حالتن پٽاندر پٺتي پيل علائقا اچڻ وڃڻ لاءِ ممنوع (نو گو) بڻجي ويا آھن. ڏٺو وڃي ته اڄ کان ٽي سئو سال اڳ جو ماحول يقينن اڄوڪي حالتن کان بھتر ھوندو، تيئن لطيفي دؤر کان سوين سال اڳ سسئيءَ جو قصو به مذھبي توڻي نسلي متڀيد جي ڀوڳنائن جي عڪاسي آھي. مطلب ته سنڌ لڳاتار اھڙن روين کي اپنائيندي ساڳي ظالم روايتن تي فخريه انداز ۾ ملي ٿي جن کي تيز ترين سائنسي ايجادون به متاثر ڪونه ڪري سگهيون، ۽ لطيف جون وايون ۽ بيت به ان غلامي جي سنگهرن سان منسوب ٿي ويا، جن اسان جي سماج کي سگهارو بڻائڻ ٿي گهريو. پر افسوس جي اسان اڄ به لطيف کي سماجي سمجهي ناھيون سگهيا.