گنج مان ترتيب وار “سَسُئِي” … مُون پارکو پُڇِيا ….

0
33
گنج مان ترتيب وار “سَسُئِي” ... مُون پارکو پُڇِيا ....

لطيف سائين منزلن جا ڏس، پريُنِ تائين پھچڻ جا گس، جياپي ۾ سختين، ڏکن ،اھنجن ۽ پيڙائن کي سمجهي ٿو، يقينن تڪليفون انسان کي بھادر بہ بڻائين ٿيون، جڏھن تہ اڪثريت وري انھن پيڙائن مان خائف بڻجي ھميشا محڪومي واري حالتن ۾ گذاري ٿي ، جيئن پنھنجي ديس مٿان نسلن کان ھاڃا ٿيندي عام لوڪ ساھ کڻڻ کي ئي جيون سمجهي ورتو ۽ “ٿوري قوت قراريا” لکيي جو ليک ڄاڻي ورتو ۽ رضا تي راضي رھڻ کي نصيب ۽ مقدر سمجهي جيئن تيئن گذران کي ڌڻيءَ جو قانون سمجهي ورتو، شايد لطيف ھن ڌرتيءَ سان واڳيل فردن جي نفسيات کي ڄاڻي پيو جنھن سبب ئي نبض شناس جراح بڻجي اھڙا ڏس ڏنا آهن جتان بي ھمت ۽ سست ماڻھون بہ پاڻ کي مليل تڪليفن مان طاقتور ۽ سگهارو سمجهڻ لڳي ۽ پنھنجي سورن تي ماتم بجاءِ مھاڏو اٽڪائڻ جي سگهہ ڌاري پنھنجا حق ۽ حاصلاتون ڪري سگهي. ڪير سسئي ،ڪير پنھون، ڪير اُٺ ۽ ڪير جَتَ، ڇاجا جبل ۽ مِرون الائي ڪھڙو دؤر جنھن سبب چيائون تہ،

“ڪيرَ برهمڻ ڪن جي، ڪير ڄاڻي ڪيڻاس”

مطلب تہ ديس ،حالتون ۽ سماج، زندگي ۽ ان سان سلھاڙيل جيون، جياپي جون گهرجون ۽ انھن جي حاصلاتن جا اُتساھيندڙ ڏَسَ، لطيف ديس جي ھر فرد کي سسئي جو روپ ڏئي پنھنجي مقصد پنھونءَ کي حاصل ڪرڻ جا جتن ڪرائي ٿو ۽ جاکوڙ کي جياپو ٿو چوي.

سَرَتِيُون سُورُ پِرِيَنِ جو ، سُڃَنِ ۾ شامِلُ،

ڪوھِيارو ڪامِلُ ، مُونکي ڏُکَ ميڙيو .

اي سرتيون، ھوت پنھونءَ جي وڇوڙي جو درد جبل بيابان ۾ بہ مون سان گڏ آھي، (سوچ ۽ خيال)مطلب تہ جبلن جون سختيون ئي پرين جي ميلاپ جو سبب آھن.

ڪشٽ، ڪشالا، محنت، مشقت۽ ڪابہ ڪرت جياپي جو حسن ٿين ٿيون جنھن ذريعي ئي مصروف زندگي گذاري سگهجي ٿي پر جيڪڏھن جياپي کي مقصد ڏجي تہ ھر لمحو باعث فرحت بڻجيو وڃي، جيئن “سرتيون سور پريُن جو، سُڃنِ ۾ شامل”. بيابان ۽ جبل سختين جا اھڃاڻ آھن ۽ جيڪڏھن سختيون پرينءَ (مقصد) سان منصوب ھجن تہ لازوال جياپو بڻجي وڃي ٿو، مطلب تہ جيئڻ کي بھانو نہ بڻايو بلڪہ ڏاھپ وارو جيئڻ مطلب تہ مقصد رکي جيئڻ ڪيو،

اَوجهڙِ اَسُونھِنِ ، ڏيھُ گهڻو ئِي ڏَورِيو ،

سَڳَرَ رِيءَ سُونھِنِ ، پَھتِي ڪانہ پَنڌُ ڪري.

جيڪي منزل(جياپو) جون واقف ناھن اُھي گهڻون پتوڙن ٿيون (ڀوڳين ٿيون)، ۽ جيڪي رستن جون واقفڪار آھن سي بہ رھنمائيءَ بنا منزل تي پھچي ڪونہ ٿيون سگهن. مطلب تہ جياپو بہ رھنمائي گهري ٿو ۽ ٻالڪپڻ کان ئي انسان سِکيا جي عمل ۾ رھندي گذاري ٿو وري بلوغت کان ذميوارين جي سفر تائين ھمعسر دوستن جي روين مان سکيا پرائي ٿو ۽ آخري مرحلو ذميوارين کان جياپي جي انت تائين سماجي وھڪري ۾ وھندو رھي ٿو، جنھن ڪري لطيف سماجي وھڪري کي ئي جيون جو جوھر (رھنما) ڄاڻائي ٿو، مطلب تہ سماجي وھڪرو عين جياپو ھجي ٿو، جتي خواھشن ۽ ارمانن جو قتل نہ ٿيندو ھجي، انساني تمام گهرجن پٽاندر رھنمائي ڪندڙ ھجي، ايڏو ڏکيو ۽ ڳنڀير ڪين ھجي جي بنا رھنمائي جي ڪو گذاري ڪين سگهي، جتان وري متڀيد جي ابتدا وجود وٺي ٿي، جتي پدري سماج کي ئي سڀ حق حاصل ٿين ٿا، ڪارو ڪاري يا قتل جا سڀ ھڪ ھڪ ئي مرداڻي سماج جا حق ھجن ٿا. مطلب تہ سماجي وھڪري ۾ وھندڙ ھر ڪردار ٻي جي رھنمائي ڪندڙ ھجي جڏھن تہ مٿين بيت کي پيري مريدي ،مرشد ۽ چيلي جھڙي ڪردارن سان ڀيٽو ويندو آھي پر پاڻ ان کي سماجي سائنسي ڪردارن واري قانون جي تناظر ۾ ڏسون ٿا، جيئن دنيا اندر ڪيترائي اھڙا سماج جڙيل آھن جن جي ڪرداري روشن مان عام سماجي سبق ملي وڃن ٿا، جنھن اڳيان پنھنجي سماج جي ڀيٽا نومولود ٻار جيان سمجهون ٿا، جتي ترقي يافتہ سماج ڊوڙون پائيندي ڏسجن ٿا .

ڏُونگَرَ ڏَنا نُوڻَ ،مُون پارِکو پُڇِيا ،

ھيڪَليُون ھَلنِ جي، تاڪُنِ سَندِي تُوڻِ ،

اِيءُ اڻانگي ڀُوڻِ ، سُنھَنِ رِيءَ نہ سُٿِرِي .

جبل ۽ پھاڙ ۾ جيئن لاھيون چاڙهيون (ھيٺانھيون مٿانھيون) آھن، جنھن سبب مون کي ڄاڻون ماڻھن جي گهرج پئي، اُن ڏکيائن ۾ جيڪي اڪيليون جياپو ڪن ٿيون، سي حريص، رھزنن جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. اھو اھڙو ڏکيو ڏيھ آھي جتي رھبر ۽ ساٿيءَ کان سواءِ سولائيءَ سان پار نٿو ڪري سگهجي. جتي ڪٽنب ۽ خاندان بہ محفوظ ڪين ھجن اُتي اڪيلي فرد جو جياپو ناممڪن ئي سمجهجي ٿو،

اڄ کان ٽي سئو سال اڳ لطيف سائين سنڌ جي عڪاسي خوب ڪئي آھي، اوھان ڀلي ان بيت کي ڪھڙي بہ اک سان پرکيو اوھان کي حق آھي، تيئن پاڻ ھن بيت کي ڪلھ جي سنڌ ۽ اڄوڪي سنڌ ڌرتي واري بڻايل حالتن جي ڀيٽا ٿا ڄاڻون، لطيف جي دؤر جون حالتون حملا آورن جي ڏاڍ ۽ جبر جو چٽو ثبوت تاريخي ورقن ۾ شامل آھي، جيڪو اڄ تائين دفن ناھي ٿي سگهيو سو اڄ بہ مغلن ارغونن نادرشاھين جي راڄ جو حصو آھي ، اڄ بہ منگول تاتاري مغل ۽ ارغون نادرشاھي حڪمن تي سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ٻڪرين جيان ھڪليندا رھن ٿا، ويتر نسلي ڀيد جي بنياد تي ذات برادري جي فوقيت تي روزانو انيڪ ڳڀرن جو قتل سرعام ٿئي ٿو نہ قانون نہ ئي ڪا قانوني حرڪت، جنھن ڏيھ جي لطيف ڪلھ ڳالھ ڪئي ٿي تنھن ديس ۾ جبل پھاڙ ۽ ٽڪر بڻجي ويل جاگيردار سردار ۽ اميراڻو طبقو پنھنجي طاقت تي اڄ بہ دھشتگردي جي علامت بڻيو ڌاڙيل ڪلچر ۽ ڀُنگ مافيا کي پناھ ڏيندو ٿو رھي، جن جو وري سڌو تعلق حڪمران طبقي سان واڳيل آھي، رياستي ادارن جو ڪاروھنوار ٺيڪيداري سسٽم تي عروج ڪندو ٿو رھي جيئن لطيفي دؤر جا حڪمران غريبن جا مال ۽ اناج ضبط ڪري پنھنجي مغلن اڳواڻن کي ڏنَ ڏيندا ھئا، تيئن اڄ حڪمران ڳريون ٽيڪسون، علائقائي معدنيات، وسيلا ۽ سامونڊي وسائل پنھنجي آقائن جي جهولي ۾ دان ڪندا رھن ٿا، ويتر افسوس اھو جو اڄ جو حاڪم جياپي جي علامت پاڻي بہ آقائن جي مرضي تي لکي ڏيندي فخر محسوس ڪري ٿو. سنڌو درياھ جيڪو ڪائنات جي ابتدا کان اڄ تائين پنھنجي اوسي پاسي جي جيوت کي جياريندو اچي ٿو، جيڪو صدين کان پنھنجي موج مستي ۾ جهمريون پائيندو سنڌو سمنڊ سان ملي فطري ڳڀ ڪري ٿو، تنھن جي رستا روڪ فطري جنگ چئبي. جيئن فنا جي جنگ بقا سان نٿي جڙي سگهجي، تيئن فطري وھڪري سنڌو کي سنگهر نٿا وجهي سگهجن، ھزارھا صدين جي تاريخ کي ميسارڻ واري طاقت فطرت جي مھٽي کان ڪيئن محفوظ رھي سگهي ٿي. لطيف پنھنجي سماج کي جبلن جيان ھيٺ مٿي يعني متڀيد جو بنياد ڄاڻائي ٿو، جتي ھر وقت جيون خطري ۾ رھي ٿو ڪير آھي جو ان اجگر جھڙي سماج ۾ جياپو جي سگهي. لطيف سماج آھي سماجي اک سان لطيف جو مطالعو ڪيو لطيف پنھنجي حياتي، تاريخ، ديس ۽ سنڌي سماج کي خوبصورت اڏيندڙ ذھن آھي جتي احساس ۽ اتساھ گڏ گڏ ھلن ٿا.