آس، اميد جياپي جي سونھن ۽ ڏڍ ھجي ٿو، جنھن جي بنا تي مشڪل مرحلا يا مامرا، حدف آساني سان پار ڪري سگهجن ٿا، ڪائنات اندر جيڪي به اوھان کي نظر اچي ٿو سو سڀ اميدن جو ئي ته مظھر آھي، مطلب ته انساني ارتقا جو مکيه سبب اميد، آس، آرزو خواھش، تمنا بنياد رھيا آھن، ناڪام ۽ ڪامياب زندگي جو سفر اوھان جي ئي ارادن سان جڙيل ھجي ٿو، لطيف سائين سسئي جي ڀيانڪ ۽ اذيت ناڪ ڪشالن ۾ پوڻ اميد ئي آھي جيئن لطيف ھر ماڻھو کي مختلف اتساھ ڏئي منزلن جي سفر ۾ پوڻ چاھي ٿو ۽ اسان عام ماڻھون به مشڪلن ۽ محنتن بنا آسائشون طلبيندڙ بڻجڻ گهرون ٿا. مطلب ته اميد مقصد آڏو ھر مشڪل جو رد ھجي ٿي تيئن توھان جي زندگي جي شروعات جيڪڏھن اميدن سان جڙيل آھي ته يقينن اوھان خوشنصيب آھيو، جن زندگي جي حقيقي جوھر کي ھٿ ڪيو آھي، جنھن جو ضد آھي مايوسي يا نااميدي يعني جن وٽ زندگي جو مقصد ئي نٿو ھجي، سي ڪڏھن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن. ھيٺ ڏنل بيت ڀلي جي پنھونءَ ۽ ان جي مٽن جي آمد سان منصوب آھي پر اسان عام ماڻھن جي اتساھ جو سبب به ته محبوب، پرين ۽ مقصد جي ساڀيان ٿيڻ جي نويد آھي جنھن کي خيالن جي اوسيئڙو پراميد بڻائي ڇڏي ٿو.
آيا آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾
پَسِي پَھَرَ پُنھونءَ جي نَنھَن سِين نيڻَ ٺَرِيامِ
گُوندَرَ وِسرِيامِ، سُکَنِ ساخون مُڪِيُون.
منھنجا پرين ھوت بلوچ ڀنڀور شھر ۾ آيا، جنھن سبب منھنجو انگ انگ مھڪي پيو آھي ۽ جياپي ۾ وڏي اميد پيدا ٿي آھي. پنھونءَ جا مٽ مائٽ ڏسي مان نَنھن کان چوٽيءَ تائين خوش ٿي ويئي آھيان ۽ مون کان سڀ ڏک ۽ غم وسري ويا ۽ منھنجي من اندر ۾ سرھائي ٿي پئي آھي.
جياپو، زندگي جڏھن مقصد سان جڙي پوي ٿي ته ان کان وڌ سرھائي ٻي ڪھڙي ٿي سگهي ٿي، ھونءَ به بي مقصد ۽ بنا اميد جي جياپو سنڍ بڻيل ان جيوَ جيان آھي، جنھن جي ڪُک مان ڪنھن نئين وجود جي آمد ممڪن نه ھجي، يعني ساھ کڻڻ ۽ جيئرو رھڻ ئي زندگي ڪونھي تيئن اميد وار ھجڻ حالتن سان ھلڻ ۾ ئي ھجي ٿو، محبوب سان منسوب ھر شيءِ جياپي ۾ سگهه ڏيندڙ خوراڪ جيان ئي ٿئي ٿي پوءِ ڀلي جي پرينءَ جي پارَ کان ايندڙ حمل فقير چواڻي ته ڪتو به نويد بڻجي وڃي ٿو .
ڪو جو آھيسِ ڪوڏُ، ٻَاروچَاڻي سَڱَ جو،
جي ھُو چُونِسِ ٻوڏُ، تَه جِيءُ سُڻَائي جَڳَ ۾.
پنھونءَ سان سڱ ٿيڻ جو ايڏو شوق سسئيءَ کي ٿي پيو جي ھو نراسائيءَ وچان اڍنگو به ڳالھائين پيا تڏھن به ھيءَ انھن کي سڀني آڏو “جيءُ” يعني ادب وچان شال سدائين جيو جھڙي جواب ۾ ورجاءُ پئي ڪري.
اھو آھي پر اميد جياپو، حاصلاتن ۾ يقين رکندڙ جو ڏڍُ مطلب ته مقصد ۾ ھڪ خيال ٿي وڃڻ، زماني جي سڀني رسمن کان مٿاھون مقصد جي حاصلات کي سمجهڻ ، منزلن جا عاشق جيڪڏھن رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کان گهٻرائيندا يا تن سان الجهي پوندا ته يقينن منزل تائين پھچ ڏکي ٿي پوندن تيئن طئي ٿيل حدف يا منزل جن جي خيال ۾ سمايل ھجي ٿي سي عام خيالن جي پرواھ ڪونه ٿا ڪن، جيئن مٿي بيان ڪيل ورجاءَ ۾ چون ٿا ته ھوءَ يعني سسئي اڍنگي بيان ڪيل ڳالھ کي به سھڻي ۽ سٺي انداز ۾ بيان ڪري ٿي جنھن جو محور مقصد تائين رسائي ھجي ٿي نڪي ھر ڪيل ڳالھ يا رويي جي موٽ ان ئي رويي سان واپس ڪرڻ ۾ ھجي ٿي.
ڀَلِي ڪَرَ ٿِئومِ، ھِيءُ سَڱُ ٻَاروچَنِ سين،
وَڃِي ڪيچُ ڏِٺومِ، پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ جي.
شڪر آھي جو منھنجو ڳانڍاپو بلوچن سان ٿيو، جن جي پٺيان لڳي خيالن ئي خيالن ۾ ڪيچ مڪران جي عڪس ٿي ڏٺم .
چڱو ٿيو جي منھنجو پيچ بلوچن سان ٿيو ۽ مونکي گهر کان ٻاھر نڪرڻ جو موقعو مليو، جتي ڪشٽ ۽ ڪشالن جي خبر پئي، ڏکن ۽ سکن جي پروڙ پئي، خيالن ۽ جستجو جي ڄاڻ پئي ، بک ۽ اڃ ۾ زندگي گهارڻ جو قدر ٿيو، حاصل جو قدر ۽ لاحاصلاتن جي تڙپ مان گذرڻ جي حقيقت کان آشنا ٿيس مطلب ته اميد ۽ مايوسي ڇا ٿيندي آھي، زندگي ڇاکي ٿو چئجي ڄاڻي ورتم ۽ خيالن ۾ پرينءَ جي ديس ڪيئن پھجي ٿو سو سڀ حاصل ڪيم ، ھاڻي جيڪڏھن زندگي ان سفر ۾ ئي کپي وڃي ته ھوند سرھائي ڀائيندم، اصل زندگي جي رازن کي سمجهڻ جو ذريعو منھنجا پرين بڻيا، جن پٺيان مون حقيقت کي ويجهو کان ڏٺو .
اَچِئو مَرُ اَچَنِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾
پُٺِيءَ لَڳِي جَنِ، ڪَمِيڻِي ماڻهُو ٿِئي.
اُھي پرين بلوچ جيڪر ڀنڀور ۾ ايندا رھن، جن جي پٺيان لڳڻ سان ھيءَ ڪمزور عورت به وڏي عزت واري ٿي وڃي.
اھڙا موقعا ھر ھڪ کي ملن، اھڙا ميلا بار بار ٿين جن جي صحبت ۽ گفتگو مان سڀڪو سيراب ٿئي، سڀني ڪمزورن کي سگهه ملي ،سڀني اڻ ڄاڻن کي ڄاڻ حاصل ٿئي، جتان پنھنجو پاڻ کي ۽ پنھنجي ارادن کي طاقت ملي، مطلب ته زندگي وھڪري جيان وھڻ لڳي، حقيقي جياپو سمجهي سگهجي، پٺيان لڳڻ رڳو کاھوڙي ڪونھي پر پوئواري ڪرڻ ھجي ٿي انھن جي قولن مان حقيقي سگهه ۽ حاصلاتن کي ھٿ ڪرڻ جا ڏس ملي پون ٿا ، اھڙن ماڻھن جي صحبت ۽ قرابت مان جيڪر سڀڪو مستفيد ٿئي ۽ انھن جو واسو ھميشا جيان رھندو اچي، جتان ڄاڻ جا نوان گس نِکرِي پون .
جڏھن پيئي ڇَٽَ، ڇَپَرِ ھوتَ پُنھونءَ جي
پَرھي ويٺيون پَٽَ، گوندَرَ لَٿا گولِيين.
جڏھن جبلن ۽ رڻ پَٽن ۾ ھوت پرينءَ جي سڳنڌ سرھاڻ، خبر اچي پھتي، ته سڀيئي ٻانهيون سينگارجي ويون ۽ ھنن دک دور ٿي ويا.
اُھي سماجي ڪردار، اُھي احساس رکندڙ فرد، اُھي جيڪي بنا متڀيد جي انساني خدمتن ۾ يقين رکندڙ ھجن، ۽ سڀ ڪنھن جا ڀرجهلا بڻجي ڏک سک ونڊن، جن جي آمد ۾ ھر ڏکويل فرد سرھو ٿئي، مرڪي پوي، جن جي آمد سان چھري ۾ رونق اچي وڃي، ھن ديس کي اھڙي ڪردارن جي ضرورت آھي پر ھر فرد اھڙو بڻجي پوي جتي سکن جو ئي واسو ھجي ، جيئن سسئي پنھنجي پنھونءَ جي تعريف ڪري ٿي اصل ۾ لطيف چاھي ٿو ته ھن ديس جي حاڪميت اھڙي ڪردارن سان ھجي جتي ڏکويل انسان به سرھا ٿي پون .