مقصد ۽ مطلب جي حاصلات ڏاڍ يا طاقت جي زور تي ته حاصل ڪري سگهجي ٿي، پر تنھن حاصلات ۾ لطف ڪيترو ٿو ھجي ۽ ڪيتري تائين جٽاءُ ٿو رھي. جيڪڏھن تاريخ جا پنا اٿلائي ڏاڍ پٺيان حاصلاتن جو پيرو کڻجي ته شايد ڪوبه ڪردار سٺن لفظن ۾ ڪونه ٿو رھي، جيڪو ڇسو ۽ بي سود ۽ بي ذائقه لفظن ۾ وري وري ورجايو وڃي ٿو، پر جيڪڏھن اھڙي حاصلات جنھن جي پيڙھ قرابت ۽ محبت واري عمل سان ڪئي وڃي ته جياپو تاحيات رنگن سان رڱجي وڃي ٿو، تاريخ جو حسن بڻجي ھر ڏسا سونھن سوڀيا ۽ ھٻڪار جھڙي لقائن سان سرشار ٿي وڃي ٿو، اھڙا بيشمار ڪردار ٻنھي روپن ۾ موجود آھن، جن جا سوين مثال ڏئي سگهجن ٿا، تيئن لطيف اسان کي ھر ممڪن انساني دائري ۾ رھي پنھنجا اختيار استعمال ڪندي عملي ڪردارن سان منزلون ماڻڻ جا گس ڏئي ٿو، جنھن ۾ پيار توڙي برابري جا اھڃاڻ ملن ٿا. جيئن:
گَڏيو ڌوٻِنِ ڌوءِ ،پُنھونءَ پارِچو ھَٿَ ۾،
اُتي آرِيءَ ڄامَ جو ،قاصِدُ آيُسِ ڪوءِ ،
اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ نہ سَندوءِ، جيئن پَھَسَ پِڇاڙيَين پوتِيا.
پنھون ٻين ڌوٻين سان گڏجي ڌوٻي گهاٽ تي ڪپڙا پئي ڌوتا، ته اُتي (پيءُ) آريءَ ڄام سردار جو قاصد ھي نياپو کڻي اچي چوي ٿو ته، “اي سردار! پنھون تنھنجو اھو ڪم (شان يا عظمت) ناھي جي پنھنجي (روايت ۽ پرم پرا) کي ڀُلائي ڌوٻين سان ڪپڙا وتين ڌوئندو”.
زميني حقيقتن پٽاندر مقصد جي پوئواري ڪرڻ .حاصلاتن پٺيان انا ،ذات پات ۽ نسلي متڀيد کان لاتعلق بڻجڻ .مقصد سان عشق ۽ ان جي حاصلات جو شوق ۽ تعلق سان نڀاءُ يا لڳاءُ ضروري شرط ھجن ٿا. دلي يا ذھني پيدا ٿيل گهرجن جو پورائو ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ڪونھي.
مٿين خيال مان ڪھاڻي طور ڳايل قصي کي لطيفي خيال صرف لفظن جي تجنيس ۽ اکرن جو حسن ڪونھي پر جياپي سان لاڳاپيل تمام وسيع معنا رکندڙ ڏسَ ھجن ٿا، مطلب اھڙي طريقي پنھنجي ارمانن، خيالن ۽ جياپي سان لاڳاپيل خواھشن کي مڪملتا ڏئي سگهجي ٿي. مطلب ته لوڪ جي مھڻن طعنن کان بي نياز ٿي محبوب مقصد سان زميني حقيقتن پٽاندر عملي جياپو جيڪڏھن نٿا ڪريون، تيسيتائين صرف لطيفي لفظن جي سحر ۾ ئي رھڻ چئبو، جيڪو بي معنا ۽ بي مقصد ٿيندو. جيئن صرف محبت ئي جياپو ناھي پر جياپي سان لاڳاپيل ڪرت، روزاني وھنوار ۽ ھزارين خواھشون چھٽيل ھجن ٿيون، تيئن ھر ڪرت ۽ خواھشن جو پورائو جيڪڏھن شان شوڪت سان چاھيو ٿا ته عملي شوق، عشق جو مظھر ھجڻ گهرجي.
جيئن پنھنجو سماج نسلي متڀيد ذات پات جي فوقيت ۽ ڏاڍ جي لقائن پٺيان جڙي چڪو آھي، تنھن کي انساني برابري جي بنياد تي “جياپو سڀني لاءِ” بڻائڻو پوندو، جيئن سسئي يعني ڌرتي جنھن لاءِ پنھون معنا مايا، ملڪيت برابري جي بنياد تي ڏاڍي ۽ ھيڻي جي وجودي ڪيفيت ۾ ھڪجھڙائي جو تصور ڏئي ٿو ته “نڪو ڏونگرُ ڏيھ ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻِ”. “نڪا جهل نہ پل، نڪو رائرُ ڏيھ ۾”. “نڪا جهل نه پل، سڀڪا پسي پرينءَ کي”.
جتي ڪوبه ڏاڍي جو تصور ۽ تن جي غلامي ڪندڙ ڪونه رھي.
تَنِ سُورَنِ کي شاباسِ، جَنِ مون سان گهارِئو،
ھئا ھماري پاسِ، ٻيلِي ٿِئڙَمِ ڇَپَرِين،
اُنھن سورن ۽ دردن کي سلام آھي، جن مون سان گڏ گذاريو. اُھي سور ئي ھئا، جيڪي جبلن ۾ به مونسان ھمراھ ھئا، (اھو سورن جو ڪمال ھو، جنھن ذريعي مون جبل جهاڳيا).
جڏھن تڪليفون رھنما بڻجي وڃن ته ڏکي کان ڏکي منزل به سولي بڻجيو وڃي ٿي. لطيف جي خيالن مان پتو پوي ٿو ته اصل طاقت ئي سورن ۽ پيڙائن مان حاصل ٿئي ٿي، جنھن کي ڏڍ بڻائي ناممڪن کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو، يعني صدما، ڏک انسان جا بھترين ھٿيار آھن، جنھن ذريعي تجربا ۽ حالتن سان مھاڏو اٽڪائڻ جي سگهه پيدا ٿئي ٿي، اڪثر لطيف جي خيالن ۾ سورن تي روئڻ ماتم ڪرڻ يا واويلا مچائڻ کان تنبيھ ڪندي ملي ٿو، جڏھن ته انھن سان مقابل ٿيڻ يا انھن کي مات ڏيڻ جا سبق ڏيندي سموري رسالي ۾ اتساھيندو ھلي ٿو، جنھن جو اصل مقصد سماجي براين سان بغاوت آھي، جيئن سسئي جي ھر روپ، ڪردار کي ارادي جي قوت سان اجگر جھڙي تمثيلي پھاڙن ۽ رڻ پٽن سان ٽڪراءَ ۾ آڻي پنھنجي جياپي جا سڀئي حق حاصل ڪرائڻ جا گس توڙي منجهيل مامرا ۽ سولائيءَ سان سمجهائي ٿو، ۽ پاڻ سان ٿيل زيادتن تي روئڻ ۽ پٽڻ مان ڪمزور ٿيڻ بجاءِ ٽڪراءَ جي راھ ڏسي ٿو .
سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، ھڏُ پڻ ڏُکي ھوتَ کي
پِرِينِ جي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نه ڏِينِ
جي ماڙهُنِ کي مارِينِ، آءٌ تَنِ سُورَنِ کي سَڏَ ڪريان.
منھنجا ننڍا وڏا سنڌ (سمورو جسم) سور ۾ پيا چيچلائن توڻي جي منھنجي دل دلبر لاءِ ڏک ڀري آھي، جيڪي ڏک ۽ غم پرين طرفان ئي مليل آھن، جيڪي مونکي سُمھڻ ڪونه ٿا ڏين، جيڪا تڪليف ڏک ٻين ماڻهن کي ماري وجهن ٿا، آءٌ تن کي پيئي سڏ ڪريان. (سورن مان رھنمائي ٿي گهرڻ چاھيان). مطلب ته جڏھن توھان تڪليفن کي پاڻ مٿان غالب ڪندا، انھن تي افسوس ۽ صدمون ڪندا ته اوھان مان ھمٿ حوصلو ۽ سگهه وڃائجي ويندي، جڏھن ته انھن پيڙائن جو توھان جي جياپي سان اڻ ڄاڻائي ڪري سنٻنڌ آھي، تنھن ڪري اھڙي حالتن سان سگهارا ٿي وڙھو، اھڙين رسمن ۽ انھن کي اُڀاريندڙ ڌرين سان ٽڪراءَ ۾ اچو، تن کان خائف ھرگز نه ٿيو. انڪري جي خوف زندگي تباھ ڪندڙ ٿئي ٿو.