گنج مان ترتيبوار سسئي … جُسو جلاوَتَ …..

0
31
گنج مان ترتيبوار سسئي ... جُسو جلاوَتَ .....

 ناممڪن ۽ ممڪن جي وچ جو مفاصلو ارادا ئي ھجن ٿا، ارادن جي پختگي لاڳاپن مٿان ھجي ٿي، مطلب تہ جنھن ڪم کي انجام تائين پھچائڻو ھجي، يا اٽل بڻجي وڃي تہ ان سان مفاد ڪيترا گھرا ۽ فائدو وغيره ڪيترو ۽ ڪھڙو ٿيندو جو بنياد مکيا سبب آھي. وقت ۽ حالتن مان پتو پوي ٿو تہ مادي شين جي حاصلات ھر دور جي اوليت رھي آھي، باقي سڀ ڳالھيون دل وندرائڻ جا سبب چئبا، ھونءَ بہ اسان سان ظاھري شين جو ڳانڌاپو تمام گهڻون گھرو ۽ دائمي رھندڙ ٿئي ٿو ۽ ان کان بغير جياپو ناممڪن چئبو، جيئن کاڌ خوراڪ کان وٺي رھڻي ڪھڻي تائين، خواھشن جي جنمڻ کان انجام تائين ڪھڙو ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو تہ ڪيترا مرحلا ۽ دشواريون جنمي پون ٿيون، جن سان مقابل ٿيندي حاصلاتن جي ڏاڪي تائين پيرَ پھچائي سگهجن ٿا، يا اھڙي جستجوئي مھم ۾ جياپي جي انت اچي ويندو؟ جڏھن تہ انھن جا سڀ ارادا ڀُسم ٿي وڃن ٿا جن موت جي ڀوَ کان منزل ڏانھن وِکَ ڪونہ کنئي، جن پنھنجي ارادن مٿان خوف جي چادر چاڙھي ڇڏي ۽ حالتن جي سختين کان منھن موڙي ڪنڊائتا بڻجي ويا، سي زندگي جي حقيقي لذت کان دور پر تمام دور رھجي ويا، تيئن زندگي جي حقيقي لذتن کان جيئن لطيف واقف ٿيو، تيئن سموري سماج کي اھڙي لذتن کان رڳو آشنا ڪونہ ٿو رکي پر ساڳي رستي تي ھلڻ جي تاڪيد پڻ ڪري سسئي بڻجي پنھنجي محبوب مقصد جي حاصلاتن پويان مضبوط ۽ اٽل ارادا رکي منزلن جو راھي کاھوڙي ۽ جاکوڙي بڻجي وڃو.

ڪِيائين ڪيچِيَنِ لئہ، جُسو جلاوَتَ،

ڇڏي پيٺِي ڇَپَرَين، ھاري سَڀِ حُجتَ،

ھُئي نِماڻِي نِسَتَ، پنڌُ وِڌائين پاڻَ تي.

سسئي پنھونءَ (مقصد) لاءِ پنھنجي جان جوکم ۾ وڌي، سڀ حيلا حجتون ڇڏي پھاڙن ۾  گهڙي پئي، توڻي جي ھوءَ ڪمزور عورت ھئي تڏھن بہ ڪشالا پنھنجي سِر تي کنيائين.

ھڪ عورت جنھن کي سماج ۾ علامتي طور ڪمزور ڄاتو وڃي ٿو، پر لطيف جي سسئي جنھن جا ارادا مضبوط ۽ پختا آھن، پر سختيون ۽ ڪشالا ڪنھن ٻئي جي آسري تي نٿي رکي، سڀئي ڪشٽ پيڙائون پنھنجي سِرِ ڪري مشڪلن کي چتاوڻي سمجهي قبول ڪري فڪري منزل طرف نڪري پوي ٿي، جڏھن تہ اسان لطيف جي پيروي ڪندي بہ پنھنجي اوسي پاسي جي ڏاڍ سان ٽڪر کائڻ يا انھن اصولن جي مخالف ٿيڻ جي سگهہ بہ ڪونہ ٿا واري سگهون، يقينن لطيف جن جبلن پھاڙن ۽ دشوارين جي ڳالھ ڪئي آھي سي اسان سڀني جي ڀر پاسي ۾ ئي موجود آھن. مقصد بہ تہ فڪر جي آزادي ئي آھي نه! جنھن سان جنگ جوٽڻ جا سانباھا اسان سڀني تي لازمن بڻجن ٿا، پر جڏھن اسان خوف جي ان دلدل مان ٻاھر نڪرڻ چاھيون ٿا تہ ارادي جي مضبوطي گهرجي جڏھن تہ اسان جو گهڻو تعداد لطيف جي فڪر کان وانجهيل ان ڪري بہ آھي جي اسان نسل در نسل خوف جي پيداوار آھيون جنھن سبب ڪنڌ مٿي ڪري جيئڻ واريون سڀئي راھون تسلسل واري خوف کي ارپنا ڪيل آھن، اسان پاڻ يا پنھنجي نسلن کي ساڳي ڌٻڻ ۾ رکڻ چاھيون ٿا ۽ ڪو بہ خطرو کڻڻ نٿا چاھيون، جڏھن تہ جياپي جون منزلون خطرن کي قبول ڪرڻ سان ئي جڙيل ھجن ٿيون.

پَنڌُ مِڙوئِي پاڻَ تي، ويچارِيءَ وِڌو،

ڏِيلُ تنھن جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو،

ھُئَڙُسِ اَڳُ لَڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَڌَرا.

سسئي جبلن جا ڪشٽ ڪشالا جهاڳڻ پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيا، ھن پوري هوش ۽ حواسن سان سڀ تڪليفون قبول ڪيون، اھڙي وارتا جو انديشو جيڪر اڳم ئي ھو جيڪي پوءِ ظاھر ڪري وڌائين .

جيڪو بہ منزل، مقصد، مراد چاھي ٿو يا چاھيندو کيس تڪليفون برداشت ڪرڻيون ئي پونديون، جيئن اڪثر اسان جي سماج ۾ دُعا ڌاڳو، تعويذ يا نذرانو ڏيڻ کي مشڪلاتن جو حل سمجهي ٿو، درگاھ يا پير فقير تي سکائون باسڻ، ڏيڻ ۽ چادرون چاڙھڻ سان نتيجتن کي منسوب ڪري ڇڏڻ سان چاھي ٿو، پر لطيف سسئيءَ جي روپ ۾ پنھنجي سموري سگهه، هوش ۽ حواس يعني عقل جي بنياد تي ڪشٽ ۽ ڪشالن پٺيان سفر ڪري حاصلاتن جو ڏس ڏئي ٿو، ۽ پنھنجو پاڻ تي ذميواريون کڻي پنھنجا مامرا سڌا ڪرڻ جا گفتا اھنجن ۽ تڪليفن ۾ پوڻ سان ڄاڻائي ٿو، جڏھن تہ جياپي جا سڀئي سُک تڪليفن سان واڳيل ئي ھجن ٿا، ننڍي کان ننڍو يا وڏي کان وڏو مقصد يا ڪابہ شيءِ حاصل ڪرڻ معاوضي سان ئي جڙيل ھجي ٿي تيئن نفسياتي داؤ پيچ کان مٿانھان ٿي بامقصد جياپي سان وقت ۽ زميني حالتن پٽاندر پيش اچو نتيجتن اھڙي روش اوھان ۽ اوھان جي نسلن جون راھون روشن ڪري وجهندي.

پَنڌُ نہ پنڌَنِ جيتِرو، ڪِيئَن سُجهَندِي ڪِيھَ،

جيڪَرَ ڪريان رِيھَ، پَرَ چُوندا مُنڌَ چَرِي ٿي.

سڏ پنڌ جيترو فاصلو ناھي جي ھو (قافلي وارا) منھنجي دانھن ٻڌي سگهن پر جي وڏيون رڙيون  ڪندس تہ چوندا سسئي چري ٿي پيئي آھي.

اسان جي سماجي واھپي جا اڪثر دڳ “ماڻھون ڇا چوندا” جي دائري ۾ جڪڙيل ھجن ٿا، ڀلي جي سچائي سنگهرن ۾ ٻڌجي وڃي، ارمان ٽياس تي ٽنگجي وڃن پر اسان جا فيصلا ماڻھن جي روين، مھڻن ۽ طعنن سان ٻوگهلا ٿي گذاري ڇڏبا پر حيات جي حقيقت ويجهو ڪين وڃبو، جيئن تہ مٿين بيت ۾ زندگي جي سفر ۾ جياپو ايترو سولو ڪونھي جي ڪنھن دعا يا ڦيڻي سان وابستا رکي گذاري سگهجي، پر ھي تہ ھڪ اڻکٽ حقيقت آھي جنھن کي ارتقا جي سفر ۾ ڊوڙون ڪري ھلائڻو آھي، جتي ڪابہ شيءِ جمود جي شڪل ۾ ڪونہ ٿي رھي، جڏھن تہ اسان نين شين جي ايجادن کي قبوليندي بہ شرم محسوس ڪندا ٿا رھون، ۽ جي انھن شين کي ھڪدم قبوليت ڏيون ٿا تہ چريا يا پاڳل ٿا سڏجون، تيئن جيڪڏھن اسان غور ڪنداسون تہ اسان جو جياپو اڪثر انھن ارتقا ڪيل شين کي قبول ۽ رد ڪرڻ جي بحث ۾ گذري ويندو آھي، وري جن کي قبوليت وقت گذرڻ کان پوءِ ڏينداسون جنھن ۾ نڪو لاءُ نہ ساءُ ھوندو پر مجبوري ضرور بڻجي پوندي، ايئن اسان نہ ڪنھن گهر جا ۽ نہ ڪنھن گهاٽ جا ٿينداسون، جنھن کي لطيف رد ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته:

چُوَنَمِ مَرُ چرِي ٿِي، پَرَ جي سَڏُ سُڻِينِ،

مَرُ مُونھِين کي ڏِينِ، ماڻھون اَچيو مِھِڻا.

پر جي ھو منھنجا سڏ ٻڌن تہ رڙيون بہ ڇونہ ڪيان،  پوءِ ڀلي جي ماڻھون مونکي اچي مھڻا ڏين يا چريو بہ ڇونہ چون.!

منھنجي ھن صلاحن يا ڳالھين کي جي مونسان وابستا ماڻھو ئي قبولي وٺن ٿا تہ اھا منھنجي فتح آھي، ڀلي جي مونکي ڪھڙن بہ القابن سان ڇونہ ياد ڪن، اھڙا جملا جيڪي عملي نتيجو گهرن ٿا، تن لاءِ لطيف پاڻ چوي ٿو يا سسئيءَ جي واتان چوائي ٿو !جيئن مون سمجهو آھي، تيئن بيان ڪرڻ منھنجو حق آھي، لطيف جي بيت ۾ ھيراڦيري ڪرڻ يا لفظ اڳتي پوئتي ڪرڻ کي مان توھين ڄاڻان ٿو ماسواءِ مونجهاري وارن لفظن جي، تيئن جيئن ٻين ڪيو آھي، تن جو مثال اجايو ٿيندو البتہ گنج جي عڪس جي پوئواري منھنجي فرض ۾ شامل آھي.

ھي جيڪي لطيف سُرَ يا داستان يا انھن ڪرارن جي واکاڻ ڪري ٿو جنھن کي بہ پاڻ لطيف ٿا ڄاڻون ۽ باقي سڀ ڪجهه سماجي ڪردار ديس سان واڳيل وارتائون يا مشاھدا ئي ٿيندا، جن کي مختلف وقتن تي مختلف روپ بخشي عوامي جاڳرتا ڏي ٿو، جيئن جبل، پھاڙ، ٽڪر، اُٺ، اوٺار، ڀنڀور، مڪران، پنھون، سسئي مِرون، سج، چنڊ،وڻ، وڻڪار، وندر، واٽ، واءُ يا ڏير وغيره مطلب تہ ھي سڀ سماجي ڪردار ۽ جاکوڙ ۾ رڪاوٽ ايندڙ لقاءَ آھن، جن مان پار پوڻ جا ڏس آھن جن کي لطيف سماجي سائنسي اک سان ڀرپور عڪسبندي آھي.

ماڻھون ڏيئِي مِھِڻا، مُونکي ڪَندا ڪوھُ،

جي ڇورِيءَ ۾ ڇوھُ، تي پِٿُون ٿيندِي پيرَ تي.

ماڻهو مون کي طعنا ڏيندا تہ ڇا ٿي پوندو. جيڪڏھي سسئيءَ (ڪردار) ۾ جوش جذبو موجود آھي تہ ھو پرينءَ (مقصد) مٿان ذرا پرزا بہ ٿي ويندي، (مقصد جي حاصلات بنا ڪونہ موٽندي)

لطيف خيال ۽ لفظن جي سگهه مان اُتساھي منزلن جو راھي بڻائي مقصد ۽ حاصلاتن تي انت  تائين ويڙھاند ڏَسي ٿو.