گم ڪيل ماڻهن جو ڪيس، سپريم ڪورٽ طرفان گهرو وزارت کي نوٽيس جاري

0
53
9 مئي ۽ 16 ڊسمبر وارن شهرين ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ جاسوس جو ٽرائل ڪٿي ٿيندو؟ سپريم ڪورٽ
9 مئي ۽ 16 ڊسمبر وارن شهرين ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ جاسوس جو ٽرائل ڪٿي ٿيندو؟ سپريم ڪورٽ

گم ڪيل ماڻهو ڪٿي آهن؟: سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچ گم ڪيل ماڻهن جي ڪيس ۾گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، رپورٽ به طلب، جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ آئيني بئنچ  گم ڪيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏيندي چيو ته  منهنجي نظر ۾ گم ڪيل ماڻهن جو ڪيس حساس نوعيت جو آهي، ماڻهن جي زندگي وڏي اهميت رکي ٿي، هتي ته هزارين ماڻهو گم آهن، اسان وٽ لطيف کوسو ۽ اعتزاز احسن جهڙا سينيئر قانوندان موجود آهن، ان مسئلي جو حل پارليامينٽ کي ڪڍڻو آهي، آئيني بئنچ گهرو وزارت، اٽارني  جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.