واشنگٽن (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا جي يلو اسٽون نيشنل پارڪ ۾ گم ٿيندڙ ٻلي 9 سئو ميل کان وڌيڪ فاصلو طئي ڪري ٻن مهينن کانپوءِ پنهنجي گهر واپس پهچي وئي. اڍائي سالن جي رائني بيائو نالي ٻلي حيرت انگيز ڪارنامو سرانجام ڏنو. ٻليءَ جا مالڪ سوزن ۽ بيني انگيوانو رياست ڪيليفورنيا جي علائقي Salinas سان تعلق رکندا آهن. ڪجهه مهينا اڳ اهي رياست Wyoming ۾ يلو اسٽون نيشنل پارڪ ويا هئا جتي انهن جي ٻلي گم ٿي وئي هئي. اها ٻلي اتي پهچڻ کانپوءِ 4 جون تي گم ٿي وئي هئي. ٻليءَ جي مالڪن کيس ڪيليفورنيا تائين ڳوليو پر کين ٻلي هٿ نه اچي سگهي. رائني بيائو گم ٿيڻ جي 61 ڏينهن کانپوءِ ان جوڙي کي هڪ ٻليءَ بابت نوٽيفڪيشن وصول ٿيو جنهن تي سندس ٻليءَ جو سڃاڻپ نمبر لکيل هو. رائني بيائو کي ڪيليفورنيا جي علائقي روسيول ۾ هٿ ڪيو ويو هو. ٻليءَ کي هڪ عورت هٿ ڪيو، عورت ٻليءَ کي اداري جي حوالي ڪيو ۽ اتي ڪم ڪندڙ عملي ٻليءَ ۾ لڳل مائيڪرو چپ سان سندس مالڪن جو پتو لڳايو.