نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي انتهاپسند حڪمران پارٽي جي اڳواڻ ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير پاڪستان مخالفت ۾ گنگولي ۽ سنيل گواسڪر کان به اڳتي نڪري ويو. ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، گوتم گمڀير پهلگام واقعي کانپوءِ نيوٽرل وينيوز تي ٿيندڙ پاڪ-ڀارت ميچز به ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن مقامي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ جڏهن گمڀير کان پڇيو ويو ته ڇا پهلگام واقعي کانپوءِ پاڪ-ڀارت ميچون ٿيڻ گهرجن، جنهن جي جواب ۾ ته هن چيو ته ” مون کي لڳي ٿو ته هاڻي پاڪستان سان ڪرڪيٽ سان واڳيل مڙني لاڳاپا معطل ڪرڻ گهرجن.
هن وڌيڪ چيو ته ” اِها منهنجي ذاتي راءِ نه آهي، مان ڀارتي قوم جي جذبن جو اظهار ڪري رهيو آهيان. واضح رهي ته ان کان اڳ به اڳوڻن ڀارتي ڪپتانن سنيل گواسڪر ۽ سارو گنگولي به پاڪستان سان ڪرڪيٽ لاڳاپا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪا آهن.