گمشده درياھن جي ڪٿا – (حصو چوٿون) … ھڪ مھا منصوبو … ليکڪ: ذوھيب احمد پيرزادو سنڌيڪار: لطف علي ھالو

0
31
گمشده درياھن جي ڪٿا – (حصو چوٿون) ... ھڪ مھا منصوبو ... ليکڪ: ذوھيب احمد پيرزادو سنڌيڪار: لطف علي ھالو

کوسي مون کي ٻڌايو ته پُراڻ جڏھن موجوده جھڏي ۽ بدين شھر جي وچ مان گذرندو ھئو، تڏھن ان جي ويڪر 250 فوٽن کان به مٿي هوندي هئي. هو “فقط پنج ڇهه ڏهاڪا اڳ” جي ڳالهه ڪري رهيو هو. “هاڻي، اهو 35 فوٽ آهي. جھڏو شهر وقت گذرڻ سان پُراڻ جي پيٽ ۾ وسعت ۽ قبضو اختيار ڪندو ويو. جتي ڪنهن زماني ۾ پُراڻ وهندو هو، اتي ھاڻي عمارتون ۽ بازارون آهن”.

                 کوسي شڪايت ڪندي چيو ته، حڪومتن جي ڌيان جو مرڪز هميشه شهر رھيا آھن، جڏهن ته ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جي مسئلن تي انھن ڪڏھن به ڪا توجهه ناھي ڏني. “ڪارونجهر جي تباهي کي ڏسو”، هن ٿرپارڪر ضلعي جي ڏکڻ اوڀر واري پاسي تي جبل جي سلسلي جو حوالو ڏيندي چيو، جتي تاريخي ماڳن کي گرينائيٽ ڪڍڻ جي فطرت دشمن مائننگ سبب خطرو آهي. “اسان جا جبل، نديون ۽ ريگستان پاڪستان جي ٻين قدرتي ماڳن کان مختلف آهن”.

                 جنهن رات کي ھن قيامت سان ڀيٽيو، تنھن رات ھو جهڏي شهر کان پنهنجي ڳوٺ ڏانهن پنڌ وڃي رهيو ھئو. “مان پنهنجي هوش ۾ نه هوس”، کوسي چيو، “ٻوڏ جو پاڻي منهنجي ڪلهن کي ڇهي رهيو هو، پر مان ھلندو رهيو هوس. ٻُڏل شهر مون کي پريشان ڪري رهيو هو”.

ھن ٻيھر سندس غزل جو ھڪ شعر پڙھيو:

احساس ڏُکايل آھن، زخمن سان رڱيل آھيون،

صدمن جي صليبن تي ھر وقت ٽنگيل آھيون.

کوسي ياد جي دريءَ ۾ جهاتي پائي ٻڌايو ته قدرتي پاڻيءَ جي لنگھن جي بحالي لاءِ سندس مزاحمت جي شروعات 2010 يا 2011 ۾ ٿي. پر ان وقت مصيبت ۽ تباهي جي باوجود، عدالتن اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون، جنھن سبب 2011 جي آخر تائين، احتجاج ختم ٿي چڪو هو.

2022 جي ٻوڏ کان پوءِ احتجاجن جو نئون سلسلو شروع ٿيو. پر انھن جي آجيان پڻ سرڪاري بي حسي، قانوني ڪارروائين سان ڪئي وئي. ان جي باوجود، کوسي چيو، عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جهڙين تنظيمن جي حمايت سان مزاحمت جاري رھي. هن وڌيڪ چيو ته، “مزاحمت سياست جو معاملو ناھي پر اھو بقا جو معاملو آهي”.

خانزاديءَ جي ويڙھ

جهڏو شهر جي ويجهو ڳوٺ فضل محمد ڪپري ۾ منهنجي ملاقات پنجويھ ورهين جي هڪ سرگرم عورت ڪارڪن خانزادِي ڪپري سان ٿي. خانزاديءَ جي جدوجھد مختلف معاملن تي رھي آھي. هن جي ويڙھ نه رڳو انهن اختيارين خلاف آهي، جن پاڻيءَ جا قدرتي رستا بند ڪيا آهن، پر سندس ويڙھ پدرشاهي سماج خلاف پڻ آهي، جيڪو عورتن کي مظلوم ۽ اڻ پڙهيل رکڻ چاهي ٿو. سندس برادريءَ جي سخت مخالفت باوجود خانزاديءَ جي والد، جيڪو هڪ ترقي پسند استاد، شاعر ۽ عوامي تحريڪ جو ميمبر ھو، تنھن سندس ڌيءَ ۽ زال کي تعليم ڏيارڻ جون ڪوششون ڪيون. هن انهن کي سياسي طور متحرڪ ڪرڻ لاءِ سندن حوصلا افزائي ڪئي.

جڏھن خانزادي ننڍي هئي ته سندس پيءُ پنھنجي ڪٽنب کي ڳوٺ يعقوب کتريءَ ڏانھن منتقل ڪيو، ته جيئن هوءَ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪري سگهي. جڏهن سندن اباڻي ڳوٺ جي سردار کين وڃڻ لاءِ چيو ته اھي فضل محمد ڪپري ۾ اچي آباد ٿيا. مالي مشڪلاتن جي باوجود، خانزادي پنهنجي انٽرميڊيٽ ۽ گريجوئيشن جي ڊگري هڪ خانگي ڪاليج مان مڪمل ڪئي. هاڻي هوءَ هڪ اين جي او سان ڪم ڪري رھي آهي.

جڏهن هن گذريل سال جي ٻوڏ بابت ڳالهايو ته سندس لفظن ۾ ڌرتيءَ ڌڻين جي تباهيءَ جو بار جھلڪي رھيو ھو. هن چيو ته، جولاءِ ۽ آگسٽ جي طوفاني برساتن يونين ڪائونسل خدا بخش-II، مير الله بچايو ۽ روشن آباد جا سمورا ڳوٺ پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيا. خانزاديءَ ھڪ اندازي مطابق ٻڌايو ته انهن ڪائونسلن جا 208 ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب تباھ ٿيا ھئا. خانزاديءَ ٻڌايو ته، “جھڏي ۽ ٽنڊي جان محمد کان جيڪو رستو يوسي مير الله بچايو ۽ خدا بخش- II ڏانهن وڃي ٿو، اھو پنج فوٽ پاڻيءَ ۾ ٻڏل ھو، تنھنڪري ڳوٺاڻن کي ٻيڙيءَ ذريعي ڪڍڻو پيو”.

خانزادي سندس ماڻھن لاءِ امدادي ڪوششن ۾ اڳڀري هئي. هن ماڻھن لاءِ ترپالن ۽ راشن جو بندوبست ڪيو. ان سان گڏوگڏ ھن طبي ڪئمپن جو پڻ انتظام ڪيو. هوءَ بي گهر خاندانن لاءِ پاڻ کاڌو پچائيندي ھئي. هن ڪم جو گهڻو حصو سنڌياڻي تحريڪ سان سندس سياسي وابستگيءَ جي ڪري ممڪن ٿيو، ڇو ته سياسي مداخلت کان سواءِ امدادي ڪم خيرات کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.

خانزاديءَ وڌيڪ ٻڌايو ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ ڪئمپن ۽ غسل خانن جي کوٽ خاص طور تي عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين لاءِ ڏاڍي ڏکيائي پيدا ڪئي. گذريل سال، هن جي ٽيم ٻوڏ متاثر عورتن لاءِ 3,000 سينيٽري ڪِٽس جو بندوبست ڪيو ھو. هنن رليف ڪئمپن ۾ ھراسمينٽ متعلق آگاهي ڏيڻ لاءِ ورڪشاپ پڻ منعقد ڪيا ھئا. ”جيڪڏهن توهان اسان جي تڪليفن تي رپورٽ لکي رهيا آهيو ته ان ۾ ضرور لکجو ته ضلعي انتظاميا ۽ مقامي حڪمرانن مان ڪو به اسان جي مدد لاءِ نه آيو ھو”، خانزاديءَ موڪلائڻ مھل چيو. “رليف لاءِ سڀ ڪجهه جيڪو اسان ڪيو، اھو مقامي ماڻهن ۽ مختلف تنظيمن جي مدد سان ڪيو”.

ھڪ مھا منصوبو

ميرپورخاص شهر جي ڀرسان هڪ هوٽل تي صحافي شاهد خاصخيلي سان مونکي ملاقات جي سعادت حاصل ٿي. ھن مونکي ڪيتريون ئي خوفناڪ ڪهاڻيون ٻڌايون، جن مان سڀ کان وڌيڪ سوڳوار ڪندڙ هڪ عورت جي باري ۾ هئي، جنهن ٻوڏ ۾ پنھنجا ٽي ٻارڙا وڃايا هئا. هوءَ پنهنجي ھڪ ٻار جي علاج لاءِ گهر جي ڇت جو لوھ وڪڻي ٻار کي اسپتال وٺي آئي هئي، پر انھن کي پھچندي ڪافي دير ٿي چڪي هئي. “جيڪڏهن جسم فروشي قانوني هجي ها”، هن خاصخيلي کي چيو هو، “مان پنهنجي مرندڙ ٻار کي بچائڻ لاءِ پنهنجو جسم وڪڻي ڇڏيان ها”.

خاصخيلي سان مون قانون ۽ ان تي عملدرآمد بابت به ڳالهايو. 2011ع ۾ سنڌ حڪومت آبپاشي ايڪٽ 1879ع ۾ ترميم ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته قدرتي واٽر ڪورسن يا چينلن تان حددخليون فوري طور ختم ڪيون وڃن. ھن ٻڌايو ته حڪومت پاران سخت ھدايت جاري ڪئي وئي ته ڀلي عدالت جو فيصلو ھجي يا لاڳاپيل زمين ليز تي ڏنل ھجي، اھي سڀ پاڻي جي لنگھن تان ھٽايا وڃن.

2013 ۾، سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (SIDA)، جيڪو هڪ خودمختيار ادارو آھي، تنھن گھوٽڪيءَ کان ٺٽي تائين قدرتي پاڻيءَ جي رستن کي بحال ڪرڻ لاءِ علائقائي ماسٽر پلان تيار ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي ادارن سان رجوع ڪيو. انھن ڏينھن ۾ ايل بي او ڊي منصوبي جي خامين کي درست ڪرڻ بابت به ڳالهايو ويو ھو، جيڪو واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ (واپڊا) ٺاهيو هو پر 1999ع کان پوءِ ان جي مرحيلوار سار سنڀال لاءِ اھو SIDA حوالي ڪيو ويو.

سيڊا (SIDA) جي ترجمان حزب الله مڱريي موجب، ماحولياتي تبديليون سندن منصوبن کي ناڪاره بڻائي ڇڏيو. هن ٻڌايو ته ھي منصوبو معمول موجب پوندڙ برساتن جي ڊيٽا جي بنياد تي ٺاهيو ويو هو، جيڪا ھُن وقت 24 ڪلاڪن ۾ 50 ملي ميٽر هئي. “پر ھاڻي ماحولياتي تبديلين سبب ھنن علائقن کي 24 ڪلاڪن ۾ 100 ملي ميٽر تائين سراسري برسات کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان ڪري مسئلا پيدا ٿيا آهن“.

 (هلندڙ)

https://fiftytwo.in/story/rivers/