گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ دل جي ماهر ڊاڪٽر نريش ڪمار ۽ سندس ٽيم بنا آپريشن جي 25 ڏينهن جي گمبٽ واسي ٻارڙي آيت زهره گلال جي دل جو بنا آپريشن جي بند ٿيل وال کولي ڇڏيو آهي. معصوم ٻارڙي جي طبيعت ٺيڪ آهي . اڄ صبح جو ٻارڙي کي ڊسچارج ڪيو ويندو. ڊاڪٽر نريش ڪمار. ان سلسلي ۾ دل جي ماهر ڊاڪٽر نريش ڪمار ٻڌايو ته گمبٽ واسي معصوم ٻارڙي آيت زهره گلال جي دل جو هڪ وال بند هو. وال بند هئڻ سبب دل مان ڦڦڙن ڏانهن رت گهٽ اچڻ سبب ٻارڙي کي ساه جي تڪليف ٿيندي هئي. جنهن جي دل جو ايڪو ٿيڻ بعد ڄاڻ ملي ته معصوم ٻارڙي جي دل جو وال بند آهي. جنهن جو اڄ ڪالھ دل جو بنا آپريشن جي ڪامياب پروسيجر ڪيو آهي. هن وقت معصوم ٻارڙي جي طبيعت بهتر آهي. جنهن کي اڄ ڊسچارج ڪيو ويندو. ٻارڙي جي پروسيجر تي 3 کان 4 لک خرچ آيو آهي. جيڪو گمس اسپتال ۽ سنڌ حڪومت برداشت ڪري ٿي. ڊاڪٽر جو وڌيڪ چوڻ هو ته هي آپريشن گمس اسپتال ۾ مفت ڪيا وڃن ٿا.