گمبٽ(ن پ ا) سنڌ جو ناليوارو صوفي راڳي صدرالدين شاهه جو ڪڊني ٽرانسپلانٽ ٿيڻ بعد به طبيعت بهتر نه ٿي سگهي آهي، شگر ۽ بلڊ پريشر سبب سندس حالت بدستور خراب آهي، گمس اسپتال جي نيفرولاجي وارڊ ۾ سندس علاج هلندڙ آهي، ان سلسلي ۾ وارثن ٻڌايو ته 3 مهينا اڳ گمبٽ گمس اسپتال مان سيد صدرالدين شاھه جو ڪڊني ٽرانسپلانٽ ٿيو هو، جنهن جي طبيعت شگر ۽ بلڊ پريشر سبب خراب ٿي وئي آهي، جنهن کي گمس اسپتال جي نيفرولاجي وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي، وارثن ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته صوفي راڳي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي، هوڏانهن پيرجوڳوٺ واسي سماج سڌارڪ هارون شاهه راشدي راڳي وٽ پهچي 40 هزار امداد ڏني.