گمس ڊاڪٽرن جي لاپرواهي؟ ليکڪ ساجد سومرو کي معذور بڻائي ڇڏيو

    0
    19
    گمس ڊاڪٽرن جي لاپرواهي؟ ليکڪ ساجد سومرو کي معذور بڻائي ڇڏيو
    گمس ڊاڪٽرن جي لاپرواهي؟ ليکڪ ساجد سومرو کي معذور بڻائي ڇڏيو

    سکر (بيورو رپورٽ) گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ مبينا سنگين طبي لاپرواهيءَ نامياري ليکڪ پروفيسر ساجد سومرو کي معذور بڻائي ڇڏيو، متاثر پروفيسر گمس اسپتال کي 2 ارب رپيا حرجاڻو ڀرڻ جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب گمبٽ انسٽيٽيوٽ ۾ مبينا سنگين غفلت، ڪوتاهي ۽ لاپرواهي ليکڪ پروفيسر ساجد سومرو کي جسماني طور مفلوج بڻائي ڇڏيو، اسپتال جي چئن ڊاڪٽرن کي 2 ارب رپين جو قانوني نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، پروفيسر ساجد سومرو پاران سپريم ڪورٽ جي وڪيل شبير شر گمبٽ انسٽيٽوٽ آف سوشل سائنسز  کي جاري ڪيل نوٽيس موجب پروفيسر ساجد سومرو نومبر 2022ع ۾ اوچتو ڪرنگهي جي هڏي ۾ تڪليف سبب گمبٽ انسٽيٽيوٽ سان رجوع ڪيو، جتي نيورو سرجري جي ڊاڪٽر امجد قريشي ۽ ڊاڪٽر طاهر ڪنهن به ضروري ٽيسٽ کانسواءِ ٻڌايو ته هن کي اسپينل ڪارڊ ۾ ٽيومر آهي، ان کان پوءِ هن هڪ بايوپسي آپريشن جي سفارش ڪئي، جيڪو ڊسمبر 2022ع ۾ ڪيو ويو، بايوپسي ۾ ورتل نمونا آغا خان يونيورسٽي اسپتال کي تصديق لاءِ موڪليا ويا، حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته آغا خان ليبارٽري جي بايوپسي رپورٽ ۾ ٽيومر جو ڪو به نشان نه ملڻ جي تصديق ڪئي وئي، ان جي باوجود ڊاڪٽرن آغا خان ليبارٽري جي رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ ٽيسٽن تي اصرار ڪيو پر نتيجو ساڳيو ئي رهيو ۽ وڌيڪ ٽيسٽن باوجود ساجد سومرو جي ڪرنگهي جي هڏي ۾ ڪينسر جون ڪي به علامتون نه مليون، تنهن باوجود ڄاڻايل ڊاڪٽرن ۽ ڪينسر ڊپارٽمينٽ جي ڊاڪٽر سبطين شاهه مبينا طور تي ڳري تابڪاري ۽ ڪينسر جون دوائون ڏنيون، جنهن جي نتيجي ۾ پروفيسر سومرو جو جسم مڪمل مفلوج ٿي ويو، نوٽيس ۾ گمس انسٽيٽيوٽ جي انچارج ڊاڪٽر رحيم بخش تي پڻ الزام هنيو ويو آهي ته هو صورتحال کان آگاهه ٿيڻ باوجود ڪارروائي نه ڪري رهيو آهي، نوٽيس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته مبينا لاپرواهي سبب پروفيسر جي حالت خراب ٿي آهي، هو روزمرهه جي بنيادي سرگرمين لاءِ ٻين تي ڀاڙي رهيو آهي، ايڊووڪيٽ شبير شر طرفان داخل ڪيل قانوني نوٽيس ۾ 2 ارب رپيا معاوضي جي گهر ڪئي وئي آهي ۽ ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ويو آهي ته علاج لاءِ ايندڙ سمورا خرچ آغا خان اسپتال يا ضياءُ الدين اسپتال ڪراچي ۾ برداشت ڪيا وڃن، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته 7 ڏينهن اندر جواب نه ملڻ جي صورت ۾ ڊاڪٽرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، نوٽيس ۾ سنڌ ۾ طبي بدانتظامي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي صحت جي ادارن ۾ سخت نگراني ۽ احتساب جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته ساجد سومرو سنڌ جو ناليوارو شاعر ۽ محقق هجڻ سان گڏ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي، هن شاهه لطيف سوشل سائنسز، ادب، سماج ۽ نفسياتي تنقيد، پيئڻ مڌ مون سان ڀٽائي اچي ٿو سميت اڌ درجن ڪتاب پڻ لکيا آهن.

    علاج ۾ ڪا به ڪوتاهي ناهي ڪئي، ڀلي جاچ ڪرائي وڃي: گمس ڊائريڪٽر

    سکر: گمس اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي پروفيسر ساجد سومرو جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان طرفان علاج ڪرڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي ناهي ڪئي وئي، لڳايل الزام بي بنياد آهن، ڀلي جاچ ڪرائي وڃي.