ڀرياسٽي (ن پ ا) پيرڳوٺ واسي شادي شده عورت وڪيلان لاڙڪ ڀرياسٽي ڀرسان فوت ٿي وئي، سندس لاش ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. ان سلسلي ۾ فوتي عورت جي مڙس اسلم لاڙڪ ٻڌايو ته منھنجي زال وڪيلان جي طبيعت خراب ٿي کيس مسلسل بيھوشي جا دورا پئجي رھيا ھئا جنھن سبب کيس گمس اسپتال ۾ داخل ڪيو ھو، جتي سندس حالت ويتر خراب ٿي وئي، اسپتال ۾ داخل ھجڻ دوران اسان کي ڪجهه ماڻھن ٻڌايو ته کيس جنات جو اثر آھي، ان ڪري اسان کيس گمس اسپتال مان ڪڍي نوشھروفيروز ڀرسان ڦل فقير نالي ڀوپي (عامل) ڏانھن کڻي وڃي رھيا هئاسين ته ڀرياسٽي ڀرسان فوت ٿي وئي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي گمس اسپتال جي ڊاڪٽر صفدر رند ٻڌايو تـ ٻه ڏينھن اڳ ڄاڻايل عورت وڪيلان لاڙڪ کي سندس وارث کڻي آيا ھئا کيس ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ھو کيس بيھوشي جا دورا پئجي رھيا هئا، سندس علاج ھلندڙ ھو ته رات دير سان مريض جا وارث اسان کي بنا اطلاع ڏيڻ جي کيس کڻي ويا. ٻئي پاسي ڀرياسٽي اسپتال جي ايم ايس ٻڌايو ته فوتي عورت جو لاش سندس وارث بنا پوسٽ مارٽم جي کڻي پيرڳوٺ روانا ٿي ويا.