گمبٽ(رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ والد کي جگر عطيو ڪندڙ شجاع آباد واسي شاگردياڻي مقدس خليل جگر جو مبينا ناڪام آپريشن ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي، رات جي پيٽ ۾ ناري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، سندس والد جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ وارثن ٻڌايو ته شجاع آباد جا رهواسي آهيون، گمبٽ جي گمس اسپتال جو وڏو نالو ٻڌي جگر جي مريض خليل احمد کي علاج لاءِ کڻي آياسين، جتي جگر جو آپريشن ڪيو ويو، جنهن کي پنهنجي نياڻي مقدس جگر عطيو ڪيو هو، جنهن جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي ۽ چئن ڏينهن تائين ڊاڪٽرن ڪجھه اهو نه ٻڌايو ته ناري فوت ٿي وئي آهي، جڏهن ته چوٿين ڏينهن تي ڊونر ناري مقدس جو رات جي انڌيري ۾ زبردستي لاش اسان کي کڻائي ڇڏيو، هنن ٻڌايو ته شاگردياڻي جي والد جي طبيعت به ڳڻتي جوڳي آهي، جنهن جو علاج هلندڙ آهي، هنن چيو ته گمس اسپتال ۾ ڊاڪٽرن مريض جو غلط آپريشن ڪيو آهي، ڊاڪٽرن خلاف جاچ ٽيم ويهاري پاڪ ڪتاب تي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ٻئي ڪنهن جي زندگي ضايع نه ٿي سگھي، هوڏانهن ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ٻڌايو ته جگر جي پيوندڪاري دوران ڪڏهن ڪڏهن ڪامپليڪيشن ٿيندو آهي، جنهن سبب ناري فوت ٿي وئي آهي، مريض خليل احمد جي طبيعت ٺيڪ آهي، جنهن جو علاج هلندڙ آهي، وڌيڪ معاملي بابت جاچ ڪئي ويندي.
گمس اسپتال ڪوس گهر بڻيل: سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت
گمبٽ: گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل معصوم ٻارڙي رقيه تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، وارثن ڊاڪٽر ۽ اسٽاف نه هئڻ جو الزام لڳايو، جيڪب آباد واسي عورتن احتجاج ڪندي ڊاڪٽرن کي پٽون پاراتا ڏنا، ٻارڙي جي وارث عورتن چيو ته جيڪب آباد گهر ۾ ويٺا هئاسين ته ٻارڙي رقيه جي چولي کي باهه لڳي جنهن جي پٺي سڙي وئي، گمس اسپتال جو وڏو نالو ٻڌي علاج لاءِ ٻارڙي کي اسپتال کڻي آياسين پر وارڊ ۾ ڪو به ڊاڪٽر يا عملو نه آيو، جنهن ڪري ٻارڙي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، وارثن روئيندي ڊاڪٽرن کي پٽون ۽ پاراتا ڏنا، وارثن سنڌ جي وڏي وزير، صحت واري وزير ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.