گمبٽ(رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ جي گمس اسپتال ڪوش گهر بڻجي وئي، هڪ وڌيڪ جگر جو مريض فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن تي  غفلت جو الزام، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، خبر موجب گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ راولپنڊي واسي جگر جو مريض حسيب جاويد فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جي والد ٻڌايو ته سندن راولپنڊي سان تعلق آهي، پٽ حسيب جاويد جو چار ڏينهن اڳ گمس ۾ لور ٽرانسپلانٽ ٿيو هو، جيڪو زندگي جي جنگ هارائي ويو، هن چيو ته پٽ کي پنهنجي ڀيڻ جگر عطيو ڪيو هو، جنهن جو غلط آپريشن ڪيو ويو، جنهن ڪري پٽ فوت ٿي ويو، هن ٻڌايو ته آپريشن ٿيڻ کان پوءِ پٽ جي جگر رت نه ٺاهيو، پيٽ ۾ پاڻي ڀرجي رهيو هيس، هن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن دوائن جي مد ۾ 20 لک خرچ ڪرايا پر صحيح علاج نه ڪيو، انڪوئري ڪري انصاف ڪيو وڃي، رابطو ڪرڻ تي اسپتال انتظاميا جو چوڻ هو ته انفيڪشن سبب مريض فوت ٿيو آهي، واضح رهي ته 3 ڏينهن اڳ به گمس اسپتال ۾ والد کي جگر عطيو ڪندڙ شجاع آباد واسي شاگردياڻي مقدس خليل جگر جو ناڪام آپريشن ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي هئي، جنهن جو لاش رات جي پيٽ ۾ اسپتال جي ڊاڪٽرن وارثن حوالي ڪيو هو.