گمبٽ (ن پ ا) گمس اسپتال گمبٽ ۾ روبوٽڪ سرجري مشين لڳي وئي، ڄاڻايل مشين ذريعي روزانو سوين آپريشن ممڪن بڻجي ويا، جديد روبوٽڪ مشين ذريعي 27 آڪٽوبر کان آپريشن شروع ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون. ان موقعي تي ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ٻڌايو ته ڪراچيءَ کان پوءِ گمس پهريون ادارو آهي جتي روبوٽڪ مشين ذريعي آپريشن ڪيا ويندا. هن جو چوڻ هو ته 27 آڪٽوبر کان باضابطا طور مفت آپريشن شروع ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته روبوٽڪ سرجري مشين جي استعمال سان عملي ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ ڊاڪٽر مشين ذريعي آپريشن ڪري سگهندو. ڄاڻايل مشين ذريعي روزانو سوين آپريشن ڪري سگهبا. ان جو گمبٽ سميت آسپاس جي عوام کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو.