گمس اسپتال جي آءِ سي يو ۾ مبينا غفلت سبب عورت فوت

0
185
گمس اسپتال جي آءِ سي يو ۾ مبينا غفلت سبب عورت فوت
گمس اسپتال جي آءِ سي يو ۾ مبينا غفلت سبب عورت فوت

گمبٽ جي گمس اسپتال جي آءِ سي يو ۾ ڊاڪٽرز ۽ عملي جي مبينا غفلت سبب نارو واسي عورت فوت ٿي وئي آهي

فوتي عورت پروين چنا جي مڙس، امڙ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته آنڊي جي تڪليف ۾ ورتل پروين سڄي رات تڙپندي رهي، ڊاڪٽرز ۽ نرسون ڪمرا بند ڪري ستل رهيا

وارثن دانهيو آهي ته دانهون ڪرڻ تي عملي چيو ته هاڻي سمهي پئو سڀاڻي ڏسنداسين، پروين چنا ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏنو

عورت جي وارثن سنڌ جي نگران وڏي وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته غفلت جو مظاهرو ڪندڙ ڊاڪٽرز ۽ نرسن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي