گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي ڪسان ڪالونيءَ واسڻ پنجن ٻارن جي ماءُ گھرو اڻبڻت تان گھران نڪري وئي، پنج ڏينھن اڳ ڪاوڙجي گھران نڪتل نسيم خاتون ملاح جو ڳولا باوجود ڪٿي به ڏس پتو نه پئجي سگهيو. تفصيل موجب گمبٽ جي ڪسان ڪالونيءَ واسڻ 45 ورھين جي عورت پنجن ٻارن جي ماءُ نسيم خاتون زال علي حيدر ملاح پنج ڏينھن اڳ گهرڀاتين سان ڪاوڙجي گھران نڪري وئي هئي. ان سلسلي ۾ عورت جي وارثن نوجوان پٽ عابد علي، ڀاءُ گلشن علي ملاح پريس ڪلب گمبٽ پهچي ٻڌايو ته نسيم خاتون بلڊ پريشر جي مريضا آھي. ڊاڪٽر کي طبعيت ڏيکارڻ لاءِ گهران نڪتي ته واپس نه موٽي. پنجن ڏينهن کان مِٽن مائٽن سميت مختلف علائقن ۾ گهڻي ڳولا ڪئي آهي پر ان جو ڪٿي به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته گم ٿي ويل عورت جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.