گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي غريب آباد محلي واسي لوڪل گورنمينٽ جو ملازم عبدالحق منگي گھرو پريشانين کان تنگ اچي روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي موقعي تي موجود ماڻهن بچائي ورتو، همراهه کي بيهوشي واري حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان سندس پٽ ٻڌايو ته والد ڪنهن به گھرو يا ٻاهرين پريشاني بابت ڄاڻ نه ڏني، صبح جو سوير گھران نڪري نوڪري لاءِ وڃي رهيو هو ته روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هوڏانهن چوٻول آهن ته عبدالحق منگي وياجين کان تنگ اچي روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.