گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ پوليس جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، ڦر ٿيل 3 موٽرسائيڪليون ۽ هٿيار برآمد، پوليس موجب معمول موجب گشت ڪري رهيا هياسين ته لولائي شاخ وٽ ڏوهارين پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو عبدالرشيد مڱڻيجو کي زخمي حالت ۾ گرفتار گرفتار ڪري ورتو، سندس ساٿي موٽرسائيڪليون ڇڏي فصل جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. گرفتار جوابدار کي علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار جوابدارن جي گرفتاري لاء علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.