گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ۾ پسند جي شادي لاءِ گهران نڪري ويل ناري ڪائنات جوڳي جي وارث عورتن ۽ مردن پاڪ ڪتاب کڻي سندس واپسي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي گلشير جوڳي، اقبال جوڳي، مٺاڻي خاتون، نماڻي خاتون ۽ ٻين چيو ته 8 ڏينهن اڳ جوابدار وڪيل ڄامڙو ساٿين سان گڏجي گهر تي چڙهائي ڪري ناري ڪائنات جوڳي کي هٿيارن جي زور تي زبردستي اغوا ڪيو آهي، جنهن جو گمبٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي، هنن چيو ته پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، هنن چيو ته ناري جي واپسي لاءِ ڄامڙا برادري جي چڱن مڙسن واپسي جو يقين ڏياريو هو، پر هن وقت تائين ناري واپس ناهي ٿي، هنن ناري کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.