گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ پريس ڪلب جو باني سينيئر صحافي روشن علي ملڪ 79 سالن جي ڄمار ۾ روڊ ڪراس ڪندي ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. سينيئر صحافي روشن علي ملڪ 50 سال کان وڌيڪ صحافت کي ڏنا سندس جي اچانڪ روڊ حادثي سبب  صحافين ۾ ڏک واري صورتحال ڇانيل آهي سندس جي جنازي نماز ست قبي ۾ ادا ڪرڻ بعد آلين اکين سان مٽي ماء حوالي ڪيو. ان سلسلي ۾ سندس پٽ محمد نديم ملڪ ٻڌايوته سينيئر صحافي مرحوم روشن علي ملڪ گمس اسپتال وڃي رهيو هو ته قومي شاھراھ تي روڊ ڪراس ڪندي تيز رفتار ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي گمبٽ جي صحافين ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال کڻائي منتقل ڪري ڇڏيو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو سينيئر صحافي روشن علي ملڪ جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا. سينيئر صحافي جي وڇوڙي تي صحافي پڻ اکين مان لڙڪ لاڙيندا رهيا. تڏي تي موجود صحافين صفدر سهتو، الهداد اڄڻ، ميان زبير احمد پيرزاده،حفيظ منگي، شفيق احمد کهڙو، ممتاز ميمڻ، خالد نيڪ شيخ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سينيئر صحافي روشن علي ملڪ صحافين لاء هڪ يونيورسٽي مثل هو سندس جو صحافتي قلم هميشه غريبن جي آواز حق ۽ سچ لاءِ لکيو سندس جي وڇوڙي تي صحافي ڏک ۾ ورتل آهن ملڪ روشن جي وڇوڙي جو خال صحافت ۾ نٿو ڀرجي سگهي. سينيئر صحافي روشن علي ملڪ جي وڇوڙي تي پريس ڪلب گمبٽ طرفان ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.  سوڳوار ۾  صحافي محمد سليم ملڪ، صحافي محمد نديم، محمد ياسين، نعيم احمد، محمد امين ملڪ ۽ ٻيا شامل آهن. هوڏانهن پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.