گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ سستي ريٽ تي اٽو نه ملڻ خلاف شهرين ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي  مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي،  ان موقعي تي  خادم حسين رتڙ، سڪندر علي چانڊيو. فقير علي گوهر چانڊيو، شعبان عالماڻي،سلمان مغل ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شهر ۾ اٽو 130 رپيا ڪلو ملي رهيو آهي، چانور به ٻيڻ تي مهانگا ٿي ويا آهن. جنهن سبب غريب طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، هنن چيو ته سرڪاري يوٽيلٽي اسٽورن جو عملو به ملي ڀڳت ڪري اٽو ۽ گيهه دڪانن تي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مهانگائي ختم ڪئي وڃي.