گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ اسٽيشن روڊ تي بن خالد پلازا ۾ بوٽن ۽ چپلن جي دڪان کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باھه لڳي وئي، جنهن ۾ دڪان ۾ رکيل سامان سڙي رک ٿي ويو، ان سلسلي ۾ دڪان مالڪ ارشد ڪورائي ٻڌايو ته بوٽن جي هول سيل جو دڪان آهي، صبح جو سوير بوٽن جي دڪان کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باھه لڳي وئي، جنهن ۾ 2 ڪروڙن جي ماليت جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، دڪان مالڪ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ازالو ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.