گمبٽ(ن پ ا) ايڪسيئن سيپڪو پاران رينجرز، پوليس ساڻ ڪري بجلي جون بقاياجات ادا نه ڪندڙ ۽ بجلي چورن خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران 100 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا، جڏهن ته ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرايو ويو، ايڪسيئن راڻيپور منصور ڀنڀرو ٻڌايو ته گمبٽ ۾ بجلي چورن خلاف اسٽيشن روڊ، راڻيپور روڊ، ڀٽائي چوڪ، پراڻي مارڪيٽ ۾ آپريشن ڪيو ويو، هن چيو ته گرفتار ڪيل ٻن ڄڻن کي بل ادا ڪرڻ بعد آزاد ڪيو .ويندو.