گمبٽ (ن پ ا) اي سي گمبٽ عزهه انعام ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هڻي غير معياري دوائون وڪرو ڪرڻ تي 7 اسٽورن جي مالڪن کان ڏنڊ وصول ڪيو، ڪارروائي دوران اسٽور مالڪ ۽ عطائي ڊاڪٽر اسٽور ۽ ڪلينڪون بند ڪري کسڪي ويا، اي سي ٻڌايو ته شڪايتون مليون ته گمبٽ سول اسپتال ڀرسان ميڊيڪل اسٽور وارا غير معياري دوائون هلائين ٿا، جنهن تي ستن ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هنيا، کين پابند ڪيو آهي ته اسٽورن کي رجسٽرڊ ڪرائي فرجون رکو ۽ معياري دوائن جي وڪري کي يقيني بڻايو.