گمبٽ(ن پ ا) آءِ بي اي 40 پلس ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ادريس سومرو،آصف ڪلهوڙو، آفتاب سروهي، آصف لاکائي، سڪندر چانڊيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گمبٽ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن، اسڪول کولڻ ۽ تعلقي گمبٽ ۾ استادن کي هاءِ ڪورٽ نوڪريون ڏيڻ لاءِ چيو آهي پر نوڪريون رشوت ۽ سفارش تي ڏنيون پيون وڃن، تعليم کاتو استاد ڀرتي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن مطالبو ڪيو ته آفر آرڊر ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.