گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ پسند جي شاديءَ تان هٿياربندن ھٿان قتل ٿي ويل نوجوان جو گمبٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل،  مقتول نوجوان جي ڀاءُ جي فرياد تي گوپانگ برادريءَ جي ٽن ڄڻن سميت 5 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. تفصيل موجب گمبٽ جي وچ شھر فاروقي پاڙي ۾ ٻه ڏينھن اڳ ھٿياربندن ھٿان گوليون هڻي قتل ڪيل نوجوان بخت علي خاصخيليءَ جو قتل ڪيس گمبٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. مقتول نوجوان جي ڀاءُ محمد مٺل خاصخيلي گمبٽ ٿاڻي تي پهچي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته گذريل سال  سندس ڀاءُ سان گوپانگ برادريءَ جي ناري پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن تان جوابدار ڌر نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏيندي رهندي ھئي. گمبٽ پوليس غلام حسين گوپانگ، عاشق گوپانگ، سڪندر خاصخيلي سميت 5 ڄڻن خلاف گناھ نمبر 169/2022 قلم 147-148-302 تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. جڏهن ته اڃا تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.