گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ڊگري ڪاليج جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ نجي اسڪول (دي ليڊرس اڪيڊمي) پاران اسپورٽس گالا ڊي ملهايو ويو، شاگردن ۾ ڊوڙ، رساڪشي، بيڊمينٽن، والي بال سميت ٻين راندين ۾ مقابلا ڪرايا ويا. ان موقعي تي راندين جي تقريب ۾ موجود استاد، شاگردن، مهمانن جو چوڻ هو ته رانديون صحت لاءِ ضروري هونديون آهن. راندين جي مقابلن ۾ شاگردن وچ ۾ ڊوڙ، رساڪشي، بيڊمينٽن، والي بال سميت ٻين راندين جا مقابلا ڪرايا ويا آهن. شاگردن ۾ تعليم سان گڏ راندين جي حوالي سان به ٽيلينٽ موجود آهي. سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولن کي گھرجي ته هر سال هڪ هفتو ٻارن جي راندين لاءِ رکيو وڃي. جتي اسڪولي شاگرد راندين ۾ حصو وٺن. جتي راندين جا ميدان آباد هوندا آهن ته اتي اسپتالون ويران هونديون آهن. شاگردن تعليم جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائي پنهنجي منزل حاصل ڪري سگھن ٿا.