گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ڊگري ڪاليج جي اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ دي ليڊرس اڪيڊمي اسڪول پاران هڪ ڏينهن جو شاگردن لاء اسپورٽس ڊي ملهايو ويو، راندين ۾ شاگردياڻين، شاگردن ڪرڪيٽ، بيدمينتن، ڊوڙ سميت ٻين مقابلن ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي استادن سجاد احمد گلال سميت شاگردن جو چوڻ هو ته رانديون صحت لاء بهتر آهن راندين سان بيماريون ختم ٿين ٿيون اسپتالون ويران ٿين ٿيون ۽ راندين جا ميدان ۽ اسڪول آباد ٿين ٿا. سرڪاري توڙي نجي اسڪولن کي گهرجي ته تعليم سان گڏ اسپورٽس ڊي ملهايا وڃن جيئن شاگرد تعليم سان گڏ راندين ۾ به پاڻ مڃرائي سگهن