گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۽ آسپاس رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو، ڪتن 4 سالن جي خوشبو شيخ کي منهن ۽ مٿي ۾ چڪي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، ٻارڙي کي مرڻينگ حالت ۾ گمس اسپتال جي ريپڊ سينٽر ۾ داخل ڪرايو ويو آهي، ٻارڙي جي والد بادشاهه زادو شيخ ٻڌايو ته ڳوٺ ڪانائي ڍنڍ ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن سندس نياڻي کي چڪي زخمي ڪيو، نياڻي گهر ٻاهرن راند کيڏي رهي هئي ته ڪتن مٿس حملو ڪيو، ڪتن معصوم ٻارڙي جو ڪن ۽ اڌ مٿو پٽي ڇڏيو آهي، ڊاڪٽرن مطابق ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، وڌيڪ علاج ڪيو پيو وڃي.