گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ الهوسايو ڀٽي ۾ نامعلوم هٿياربند پروفيسر لياقت علي فردوسي جي گهر مان 10 تولا سونا زيور، 3 لک روڪ رقم، لائيسن جو پسٽل ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا، ان سلسلي ۾ گهر مالڪ پروفيسر لياقت علي فردوسي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن سوڀيديرو واري گهر ويل هئاسين، پاڙيوارن ٻڌايو ته گهر جا دروازا کليل آهن، گهر پهتاسين ته 10 تولا سونا زيور، 3 لک روڪ رقم، هٿيار ۽ ٻيو سامان نامعلوم چور چوري ڪري ويا آهن، اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، متاثر پروفيسر مطالبو ڪيو ته چوري واپس ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.