گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ۾ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان چيڀاٽجي فوت ٿي ويو، نوجوان جي سڃاڻپ ڪوٽڏجي تعلقي جي ڳوٺ قاضڪو واسي عباد علي لاشاري طور ٿي، پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته قومي شاهراهه تي نسيم کرل گيٽ وٽ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرالر هيٺيان اچي نوجوان عباد علي لاشاري چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، پوليس موجب فوتي جو لاش گمس اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.