گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ويجهو قومي شاهراهه تي ڊبل گهوڙا پمپ ڀرسان نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ پيرسن فوت ٿي ويو، ٽنڊومستي پوليس پيرسن جو مڙھ کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گمبٽ قومي شاهراهه تي تيز رفتار نامعلوم گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب پيرسن فوت ٿي ويو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، وارث نه ٿيڻ جي صورت ۾ فوتي جو مڙهه ايڌي حوالي ڪيو ويندو.