گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ڀر سان ڳوٺ دين محمد کوکر واسي صوفي فنڪار نور علي کوکر 70 سالن جي ڄمار ۾ ڪارا ڪامڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. تڏي تي فنڪار شاعر مٽ مائٽ پهتا جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. صوفي فنڪار جي بيماري دوران ثقافت کاتي سار نه لڌي. ساڃاھ وندن پاران پوئيرن لاء ثقافت کاتي کان فنڊ ڏيڻ جي گهر ڪئي. ان سلسلي ۾ وارث فنڪار الهرکيو کوکر ٻڌايو ته صوفي فنڪار نورعلي کوکر ڪافي عرصي کان ڪاري ڪامڻ سبب بيمار هو علاج دوران گهر ۾ فوت ٿي ويو. تڏي تي فنڪار شاعر مٽ مائٽ دوست پهتا. مرحوم صوفي فنڪار پي ٽي وي ريڊيو پاڪستان تي پڻ ڪلام ڳايا آهن سندس جا ڪيترائي صوفي ڪلام جڳ مشهور آهن. صوفي فنڪار جي جنازه نماز اباڻي ڳوٺ دين محمد کوکر ۾ ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي آهي. ساڃاه وندن پڻ نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته صوفي فنڪار بيماري سبب فوت ٿي ويو پر حڪومت سندس جي ڪا به سار نه لڌي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پوئيرن کي فنڊ ڏئي تڪليفن کان بچايو وڃي.