گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ گمس ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٽئين سال جي بي ايس پيٿالوجي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندڙ ڪشمور واسي شاگرد ذيشان دايو جو  پرائيوٽ هاسٽل  مان لاش هٿ آيو،  نوجوان جو لاش دوستن کڻي  گمس منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي،ٻي طرف نوجوان جي والد عبدالحميد دايو ٻڌايو ته  نوجوان بيمار رهندو هو، جنهن جو علاج هلندڙ هو، نوجوان بيماري سبب فوت ٿيو آهي، ڪنهن به دشمني نه آهي، هوڏانهن  پوليس موجب ته نوجوان  دوستن سان گڏ پرائيويٽ گھر  رهندو هو،  رات جي وقت دوست گڏ چانهه پيئڻ کان پوءِ ڪمري ۾ سمهي رهيا ته صبح جو سوير ڀر واري ڪمري ۾ ترسيل دوستن نوجوان ذيشان کي بيمار ۽ بيهوشي واري صورتحال سمجھي گمس اسپتال پهچايو، پوليس موجب ته وارثن لاش جو پوسٽ مارٽم ناهي ڪرايو.