گمبٽ ميونسپل چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن ۾ اختلاف، هڪٻئي تي ڪرپشن الزام

0
23
گمبٽ ميونسپل چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن ۾ اختلاف، هڪٻئي تي ڪرپشن الزام
گمبٽ ميونسپل چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن ۾ اختلاف، هڪٻئي تي ڪرپشن الزام

گمبٽ(رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ ميونسپل ڪاميٽي جي پ پ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين سميت ڪائونسلرن ۾ تڪرار تيز، هڪٻئي تي ڪرپشن جا الزام، وائيس چيئرمين ۽ چيئرمين جي هڪٻئي خلاف پريس ڪانفرنس، خبر موجب گمبٽ ميونسپل ڪاميٽي جي پ پ چيئرمين عبد اللطيف شيخ ۽ وائيس چيئرمين سجاد حيدر شاهه سميت ڪائونسلرن ۾ تڪرار ختم نه ٿي سگهيو آهي، ڌرين هڪٻئي تي ڪرپشن جا الزام هنيا آهن، ان ڏس ۾ وائيس چيئرمين سجاد حيدر شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گمبٽ شهر ۾ پبلڪ هيلٿ جا ڪم ٿيا آهن، ڪروڙين رپيا ميونسپل مان غائب ٿي ويا آهن، چيئرمين سڄي شهر ۾ ناقص پيور لڳرايو آهي، جيڪو هن وقت ئي ڀري رهيو آهي، چيئرمين گذريل ڏينهن الزام لڳايا هئا ته وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلر پئسا گھري رهيا آهن، اهڙين ڳالهين ۾ ڪا به سچائي ناهي، اسان گذريل ڏينهن اجلاس ۾ چيئرمين کي درخواست ڏني هئي ته اسان کي 17 مهينن جي ڪمن جو آفيشل رڪارڊ جون ڪاپيون ڏنوين وڃن، جنهن تان چيئرمين ڪاوڙجي پيو ۽ ڪوڙن الزامن جي ڀرمار لائي ڏني آهي، هن چيو ته 2024ع کان ڪوٽيشن جا ڪم بند آهن، پر چيئرمين غيرقانوني طريقي سان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڪوٽيشن تي شهر ۾ ناقص ڪم ڪرايا آهن، هن چيو ته 17 مهينن ۾ ڪيل ڪروڙين رپين جي ڪم جو حساب ڪتاب ڏنو وڃي، ٻئي صورت ۾ ڪائونسلر گڏجي عدالت جو در کڙڪائيندا، بعد ۾ ميونسپل چيئرمين عبداللطيف شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجي مٿان لڳل الزام غلط ۽ بي بنياد آهن، وائيس چيئرمين هر مهيني 2 لک 50 هزار گھري رهيو آهي ۽ ڪائونسلر سرفراز ميمڻ، ڪائونسلر عزيز ڦل، سڪندر ٿيٻو هر مهيني پئسا گھري رهيا آهن، انڪار ڪرڻ تي منهنجي خلاف واويلا ڪئي پئي وڃي، وائيس چيئرمين آفيس جا  ڪپ به هر ٽئين، چوٿين مهيني پنهنجي گھر کڻي وڃي ٿو، چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته سرڪاري طريقي سان وائيس چيئرمين لاءِ نه تيل آهي نه آفيس خرچ آهي، وائيس چيئرمين کي هر مهيني پنهنجي گھران هڪ لک رپيا ڏيندو آهيان، منهنجي خلاف ڀلي نيب، اينٽي ڪرپشن جاچ ڪري، حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.