گمبٽ(رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ جي مراد هاءِ اسڪول ۾ 58 مان 30 استاد غير حاضر، ٽي اي او رپورٽ ڊي اي او کي موڪلي ڇڏي، ان ڏس ۾ ٽي اي او عبدالقيوم ڄامڙو چيو ته ساڍي ستين وڳي اسيمبلي وقت آهي، ست پنجاهه تائين اسڪول ۾ موجود رهيس، هيڊ ماسٽر ۽ ٻيا استاد هئا، جن سان گڏ اسيمبلي ڪرائي، 30 استاد غير حاضر هئا، هن چيو ته غير حاضر ۽ اسڪول ۾ دير سان ايندڙ استادن خلاف ڪارروائي ٿيندي، هن ٻڌايو ته گرمين سبب ڊي سي خيرپور ۽ ڊي اي او خيرپور ليٽر جاري ڪيو آهي ته هاءِ اسڪولن ۾ ساڍي ستين وڳي اسيمبلي ٿيندي ۽ ساڍي ٻارهين وڳي موڪل ٿيندي، ڪالهه صبح جو سوير مراد هاءِ اسڪول ۾ اسيمبلي وقت تي ويس ته هيڊماسٽر ۽ ڪجھه استاد موجود هئا، سرڪاري وقت مطابق اسيمبلي ڪرائي، 30 استاد غير حاضر هئا. جن کي غير حاضر ڪيو آهي ته استاد ڪاوڙجي پيا آهن، شاگرد پري پري کان والدين جو خرچ ڪري پڙهڻ لاءِ اسڪول اچن ٿا استاد پنهنجي مرضي مطابق اسڪول ۾ اچن ٿا، غير حاضر 30 استادن خلاف ڊي اي او خيرپور کي رپورٽ ڏني آهي، غير حاضر ۽ اسڪول ۾ دير سان ايندڙ استادن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي، استاد منهنجي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن ته ٽي اي او معافي وٺي، حق سچ تي آهيان معافي نه وٺندس شاگردن جي تعليم لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. غير حاضر استادن کي بخش نه ڪيو ويندو، هوڏانهن مراد هاءِ اسڪول جي ايف اي استاد زبير احمد شيخ ۽ ٻين ٽي اي او خلاف پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو ته مراد هاءِ اسڪول ۾ اسيمبلي جو وقت 8 آهي. ٽي اي او ساڍي ستين وڳي اچي اسيمبلي ڪرائي آهي، جيڪو غير قانوني عمل آهي، ٽي اي او استادن جا نالا لکي سوشل ميڊيا تي غير حاضر ڄاڻايو آهي، ٽي اي او سوشل ميڊيا تان پوسٽ هٽائي ۽ استادن کان معافي وٺي، ٻي صورت ۾ اسڪول ۾ تدريسي عمل بند ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو.