گمبٽ (ن پ ا) سيپڪو گمبٽ جون گمبٽ جي فاروقي پاڙي، اسٽيشن روڊ، ڀٽائي چوڪ سميت ٻين هنڌن تي رينجرز ۽ پوليس ساڻ ڪري 100 کان وڌيڪ غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽا ڪري ڇڏيا، ان سلسلي ۾ ايس ڊي او سيپڪو عبدالقدير ڪانهر ٻڌايو ته رينجرز ۽ پوليس ساڻ ڪري گمبٽ جي فاروقي پاڙي، ڀٽائي چوڪ، اسٽيشن روڊ تي بجلي چورن خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران غير قانوني لڳل 100 کان وڌيڪ ڪنڊا ڪاٽا ڪاٽيا ويا، هن چيو ته بجلي جا بل ادا نه ڪندڙن خلاف ڪاروايون جاري رکيون وينديون.