گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ ۾ 9 سال اڳ مڙس پاران زال کي قتل ڪرڻ بعد لاش روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهڻ واري واقعي جو نبيرو، خون ثابت ٿيڻ تي جوابدار تي ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڏنڍ، 10 لک ٿڏي تي ادا ڪيا ويا، بقايا رقم 6 مهينن ۾ قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، ڌريون کير کنڊ، تفصيل موجب شهر جي ميمڻ پاڙي ۾ سال 2014 ۾ جوابدار سوناري شفيق احمد ميمڻ پنهنجي گھر واري سعديا ميمڻ کي قتل ڪرڻ بعد لاش روهڙي ڪئنال ۾ لوڙهي ڇڏيو هو، معاملي جو نبيرو سيدنورالهديٰ شاهه جيلاني جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ جوابدار تي زال مارڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ وڌو ويو، جوابدار ڌر 10 لک ٿڏي تي ادا ڪيا، جڏهن ته باقي رقم 6 مهينن ۾ قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، نبيري ۾ طئي ڪيو ويو ته فريادي ڌر ڏنڊ جي سموري رقم ملڻ بعد ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پنهنجا بيان ڦيرائي ڪيس واپس وٺندي، نبيري بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، ان سلسلي ۾ جوابدار ڌر جي مشير حاڪم گھمرو ۽ ڊاڪٽر رفيق ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳالهين بعد جوابدار ڌر تي سعديا ميمڻ جو قتل ثابت ٿيو جنهن بعد ڏيڍ ڪروڙ روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جوابدار ڌر 10 لک روپيا ادا ڪيا ۽ باقي رقم 6 مهينن ۾ ادا ڪئي ويندي.