گلگت (م ڊ) گلگت بلتسان جي تڪ جي بي ايل اي 13 استور 1 جي سيٽ تي ضمني چونڊ ٿي، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پي ٽي آءِ جو محمد خورشيد خان 994 ووٽرن جي برتري سان ميدان ماري ورتو، سمورين 56 پولنگ اسٽيشن جي غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پي ٽي آءِ اميدوار محمد خورشيد 6219 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، نواز ليگ جي رانا فرمان 5225 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، اها سيٽ اڳوڻي وڏي وزير خالد خورشيد جي جعلي ڊگري ڪيس  ۾ نا اهلي بعد خالي ٿي هئي. پي ٽي آءِ نا اهل ٿيل وزيراعليٰ جي والد خورشيد خان کي ٽڪيٽ ڏني هئي جيڪو سيٽ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.