ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه سان گلگت جي وڏي وزير حاجي گلبر خان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪري سنڌ جي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ گلگت بلتستان جي شاگردن لاءَ سيٽون وڌائڻ لاءِ زور ڀريو، سندس چوڻ هو ته گلگت جا 10 هزار شاگرد ڪراچي ۾ پڙهي رهيا آهن، انھن لاءَ ھاسٽلن جو بندوڀست ڪيو وڃي، وڏي وزير کيس خاطري ڪرائيندي چيو ته هو سنڌ جي يونيورسٽين ۾ گلگت جي ٻارن لاءِ سيٽون وڌائڻ جو ذاتي طور تي جائزو وٺندو. پ پ حڪومت زمين الاٽ ڪري هاسٽل جو منصوبو به مڪمل ڪرائيندي. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو مون کي گلگت ۾ اين آءِ سي وي ڊي جو يونٽ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وڏي وزير جلد گلگت جو دورو ڪري سنڌ حڪومت پاران فراهم ٿيندڙ سهولتن جو اعلان ڪرڻ جي خاطري ڪرائي،