ديامير ( م ڊ ) گلگت بلتستان جي ضلعي ديا مير ۾ سياحن جي بس اونهي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ پنج مسافر فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. اِهو ڏکوئيندڙ واقعو شاهراهه قراقرم ۾ ٿلچي واري هنڌ پيش آيو جنهن ۾ ابتدائي طور پنج مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. ريسڪيو اختيارين موجب، ٻارنهن مسافر زخمي به ٿيا آهن، لاشن ۽ زخمين کي گلگت جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، سياحن سان ڀريل مسافر بس روڊ حادثي جو شڪار ٿي آهي، فوتين ۾ ٻه عورتون به شامل آهن. وزيراعظم شهباز شريف ديا مير بس حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي گلگت بلتستان جي اختيارين کي فوري امدادي ڪارروائين جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف طرفان لاڳاپيل وفاقي کاتن کي به امدادي ڪمن ۾ مدد جي هدايت ڪئي وئي آهي.