گلگت (م ڊ) گلگت بلتستان جو سينيئر وزير ڪرنل (ر) عبيد الله بيگ گهر واپس پهچي ويو، هٿياربندن سان ڳالهين جي نتيجي ۾ بازيابي عمل ۾ آئي، عبيد الله بيگ ٻڌايو ته اسلام آباد کان گلگت ايندي بابو سر ٽاپ وٽ گاڏي خراب ٿي، گاڏي ٺيڪ ٿيڻ تي بابو سر ٽاپ کان هيٺ لٿاسين ته ٿاڻي جي ڀرسان 150 ماڻهن روڪي هڪ ڪمري ۾ وٺي ويا، ساٿين جي آزادي ۽ 2 لاپتا ماڻهن جي بازيابي جو مطالبو ڪيو.